Shahab Nohrio
غزل
اوڇتا سانوڻ برسيا هوندا
پيار پراڻا ڇرڪيا هوندا
آڪاش جو گرجي غم گهٽايا
ڪنهن جا جذبا تڙپيا هوندا
مورن ملهاري ڇيڙي هوندي
ڳوڙها ڊيلن جهٽيا هوندا
سرتي سينڌ سنواري هوندئي
چوڏس چنڊ چمڪيا هوندا
مُرڪي مٺي گذري هوندي
سارا منظر مهڪيا هوندا.
اوڇتا سانوڻ برسيا هوندا
پيار پراڻا ڇرڪيا هوندا
آڪاش جو گرجي غم گهٽايا
ڪنهن جا جذبا تڙپيا هوندا
مورن ملهاري ڇيڙي هوندي
ڳوڙها ڊيلن جهٽيا هوندا
سرتي سينڌ سنواري هوندئي
چوڏس چنڊ چمڪيا هوندا
مُرڪي مٺي گذري هوندي
سارا منظر مهڪيا هوندا.
شهاب نهڙيو
No comments:
Post a Comment