Sunday, June 25, 2017

اوھان جي عشق ِ آتش ۾، ٻري وياسين ته غم ناھي، انھي طوفاني لھرن مان، تري وياسين ته غم ناھي. اوھان ھن ڳالھ جي ڳُجھ کي، نٿا ڄاڻو ته خير ئي آ، پرين جي واٽ وَر وَر ھئي، وري وياسين ته غم ناھي. شرع ۽ شاعري گڏ ٻئي، ھلي سگھنديون نه اي واعظ! تنھنجي فتوا جي فِتني ۾، کري وياسين ته غم ناھي.




(غزل)
علي نواز ڏاھري.
اوھان جي عشق ِ آتش ۾، ٻري وياسين ته غم ناھي،
انھي طوفاني لھرن مان، تري وياسين ته غم ناھي.
اوھان ھن ڳالھ جي ڳُجھ کي، نٿا ڄاڻو ته خير ئي آ،
پرين جي واٽ وَر وَر ھئي، وري وياسين ته غم ناھي.
شرع ۽ شاعري گڏ ٻئي، ھلي سگھنديون نه اي واعظ!
تنھنجي فتوا جي فِتني ۾، کري وياسين ته غم ناھي.
سڀئي ھي ڳوٺ جون ڳليون، اسان جي سار جون ساکي،
اوھان جي چاھ مان نڪري، چري! وياسين ته غم ناھي.
نگاھن جي حدن تائين، اڪيلائيء َ سان اُلڪا ھئا،
کڻي دردن جي تو درَ تان، ڀري وياسين ته غم ناھي.
خدايا! جوش جذبن کي.، سدا ثابت سلامت رک،
اسان ھن سنڌ جي سڏ تي، مري وياسين ته غم ناھي.
علي نواز ڏاھري

No comments:

Post a Comment