Monday, June 26, 2017

مريڪا جي شھر لاس اينجلس ۾ سموري دنيا کان سنڌي گڏ ٿيندا سانا جي 33هين سالياني ڪنوينشن جون تياريون مڪمل سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو هيلوڪو ساليانو ڪنوينشن ڪيليفورنيا رياست جي تاريخي شهر لاس اينجلز ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي. ٽن ڏهاڙن تائين هلندڙ هن ميلي جو (ٿيم) مضمون آهي ( نياڻيون پڙهايو قوم سنواريو)

آ
مريڪا جي شھر لاس اينجلس ۾ سموري دنيا کان سنڌي گڏ ٿيندا
سانا جي 33هين سالياني ڪنوينشن جون تياريون مڪمل سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو هيلوڪو ساليانو ڪنوينشن ڪيليفورنيا رياست جي تاريخي شهر لاس اينجلز ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي. ٽن ڏهاڙن تائين هلندڙ هن ميلي جو (ٿيم) مضمون آهي ( نياڻيون پڙهايو قوم سنواريو). ان سان گڏ سنڌ جي سراسري تعليمي صورتحال، ترقي، تاريخ، تهذيب، ادب، ثقافت ۽ ميڊيا جي ڪردار تي به ڳالهايو ويندو. 
هن ميلي جا انتظام سنڀالڻ خاطر سانا جي اڳوڻي صدر سني پنهور جي اڳواڻي ۾ لوڪل آرگنائيزنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي. هن سال جو ميلو لاس اينجلز ڀرسان سمنڊ ڪناري هوٽل هلٽن لانگ بيچ ۾ ڪرائڻ جو رٿيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪنوينشن ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ رعايتي اگهه تي ڪمرا موجود آهن. جنهن موجب 135 آمريڪي ڊالر ۾ هڪ رات جي رهائش سان گڏ ناشتو پڻ ڏنو ويندو.
ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ رجسٽريشن في جي مد ۾ 12 سال يا ان کان وڏي عُمر وارن ميمبرن کان 130 آمريڪي ڊالر ۽ غير ميمبرن کان 150 ڊالر، 5 کان 12 سالن جي ميمبرن کان 80 ڊالر جڏهن ته غير ميمبرن کان 100 ڊالر ورتا ويندا. رجسٽريشن في ۾ منجهند ۽ رات جي ماني سان گڏ ٻيا سمورا خرچ شامل هوندا. ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ رجسٽريشن سانا جي ويب سائيٽ (www.sanalist.org) تي ڪري سگهجي ٿي.
ڪيليفورنيا رياست جو شهر لاس اينجلز ٽي وي ۽ فلمي صنعت جي مرڪز طور سڃاتو ويندو آهي. 98 لک 18 هزار 6 سئو پنج جي آبادي تي مشتمل هن شهر ۾ هونئن ته ڪيترا ئي تفريحي ماڳ آهن پر خاص طور تي يونيورسل اسٽوڊيوز هالي ووڊ، پيرامائونٽ پڪچرز، وارنر برادرز، ڊزني لينڊ، هالي ووڊ واڪ آف فيم نمايان جڳهون آهن.
30 جون کان 3 جولائي تايئن هلندڙ سانا جي 33هين سالياني ميلي ۾ هر سال جيان هن سال به اُتر آمريڪا ۽ سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين سنڌي شريڪ ٿيندا ۽ محفل ۾ هند سنڌ جا مشهور راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪندا. جنهن لاءِ نه صرف اُتر آمريڪا پر سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد سنڌين کي ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
ذاڪر بُلو
انفارميشن سيڪريٽري
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا)

No comments:

Post a Comment