Monday, June 26, 2017

سنڌ جي شاگرد جدوجهد تاريخ ۾ جيل ويندڙ پهريون سورميون شاگردياڻيون ذوالفقار قادري

سنڌ جي شاگرد جدوجهد تاريخ ۾ جيل ويندڙ پهريون سورميون شاگردياڻيون
ذوالفقار قادري
هن ملڪ کي سندس قيام کان وٺي سدائين ڏنڊي ٖ ڌونس ڌانڌلي ٖ جڳاڙ ٖ نظريہ ضرورت ۽ هڪ هٽي جي سوچ تحت هلايو ويو آھي ٖ پاڪستان جيڪو مختلف قومن جي باهمي ۽ برابري جي بنياد تي گڏجي هلڻ واري فارمولا تحت وجود ۾ آيو هو ٖ پر پو۽ هن ملڪ جي اشرافيہ کي صوبن کي نالي ماتر مليل آزادي بہ ڀانء نہ پئي آخر 22 نومبر 1954ع تي وزيراعظم محمد علي بوگرا صوبن کي ختم ڪري انتظامي طور ملڪ کي هلائڻ لا۽ ون يونٽ جو اعلان ڪيو جيڪو 5 آڪٽوبر 1955ع تي گورنر جنرل اسڪندر مرزا باضابطہ طور نافذ ڪري ڇڏيو ٖ سنڌ اسمبلي جي چند ميمبرن کان سوا۽ اڪثر ميمبرن اهڙي سنڌ دشمن فيصلي کي قبول ڪندي ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪري ڇڏي ون يونٽ مڙھڻ واري قدم ملڪ جي اخوت ۽ ڀائيچاري واري فضا کي شديد متاثر ڪيو خاص طور ننڍن صوبن ان فيصلي کي پنهنجن حقن جي تلفي ۽ صلبي سمجهيو ٖ سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف نفرت تہ هئي پر ڪا سگهاري تحريڪ نہ هلي سگهي هئي ٖ 4 مارچ 1967ع وارو سنڌي شاگردن جو احتجاج بظاهر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي بحالي ۽ ڪمشنر حيدرآباد مسرور احسن کي هٽائڻ واسطي هو پر ان واقعي دوران ٿيل پوليس تشدد ۽ گرفتارين سموري سنڌ کي ڀڙڪائي ڇڏيو ٖ ان وقت حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان هلندڙ ان جدوجهد جي اڳواڻي يوسف لغاري ٖ ڄام ساقي ٖ يوسف ٽالپر ٖ مسعود نوراني اعجاز قريشي ٖ شڪور داؤد پوٽو ٖ مير ٿيٻو ٖ ڪامل راڄپر ٖ اقبال ترين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا هي تحريڪ ايتري تہ سگهاري ٿي اڀري جو سائين جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽو ٖمخدوم طالب المولئ ٖ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٖ رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ بہ هن تحريڪ جي حمايت ڪرڻ لڳا ٖ شاگردن جي ان ئي تحريڪ سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ کي سگهارو بڻايو ٖ اڳتي هلي 1970ع ڌاري جڏھن زمينن جي نيلامي بند ڪريو ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪريو تحريڪ جو آغاز ٿيو ۽ گرفتاريون پيش ڪرڻ جو فيصلو ٿيو تہ چئن سنڌي ڇوڪرين حيدرآباد ۾ پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي جن کي ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل حيدرآباد ٖ۽ ٻين مختلف جيلن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو جن ڇوڪرين گرفتاري ڏني ۽ کين سزا ملي انهن جو مختصر احوال هن ريت آھي
اختر بلوچ : سنڌ جي نالي واري انقلابي ۽ لوڪ فنڪاره جيجي زرينہ بلوچ جي نياڻي هئي ٖ اختر بلوچ جڏھن گرفتاري پيش ڪئي ۽ يحئ خان جي ملٽري ڪورٽ کيس سزا ٻڌائي ان وقت سندس عمر فقط اڻويهہ ورهہ هئي ٖسنڌ جي سياسي تاريخ ۾ جيل جي زندگي تي ڪنهن عورت قيدياڻي جو پهريون مايہ ناز ڪتاب “ قيدياڻي جي ڊائري “ اختر بلوچ لکيو ٖ بعد ۾ 1972ع ۾ اختر بلوچ جي شادي رسول بخش پليجو صاحب جي ننڍي ڀاءٗ غلام قادر پليجو سان ٿي ٖ سينيٽر سسئي پليجو ٖ اختر بلوچ جي نياڻي آھي -
ٻيو نالو رياض ميمڻ : رياض ميمڻ کي ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل پشاور روانو ڪيو ٖ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد اڳتي هلي سندس شادي مسعود نوراني سان ٿي ٖ جيڪو پڻ سنڌ جي شاگرد جدوجهد جي تاريخ ۽ 4 مارچ واقعي جو هڪ وڏو نالو آھي ٖ مسعود نوراني سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل بہ رهي چڪو آھي -
نسيم سنڌي : نسيم سنڌي جو اصل خانداني نالو نسيم ٻٻر آھي هو هاڻ ھيرآباد حيدرآباد ۾ رهي ٿي عمر ۽ جدوجهد سبب اڪثر سندس طبيعت صحيح نہ ٿي رهيس ٖ نسيم ٻٻر جي شادي پناه جگر خاصخيلي سان ٿي
چوٿون نالو هيو گرفتاري ڏيندڙ ڇوڪرين ۾ شميم بهراڻي جو ٖ کيس بہ ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل سکر روانو ڪيو انهن گرفتاري ڏيندڙ چئني ڇوڪرين مان جن جي ان وقت عمر اڻويهن سالن کان ٻاويهن سالن درميان هئي ڪنهن بہ ڇوڪري پنهنجي سزا جي خلاف ڪا بہ رحم جي اپيل هنہ ڪئي ۽ سنڌ جي نياڻين جي بهادري واري تاريخ رقم ڪري جيلن مان نڪتيون 


No comments:

Post a Comment