Sunday, June 25, 2017

رَچي رنگ ويا ھِن وَري عيد تي کڻي آ خوشيون تون چَري عيد تي ٽھڪ نينگرين جا ٿا گونجن ھوا ۾ مِٺي ڪر تياري تون آ سنبري عيد تي ھي ميلا عيدن جا پِريَن جي ديدن جا ھي رنگين گھڙيون ن


(عيد غزل)
رَچي رنگ ويا ھِن وَري عيد تي
کڻي آ خوشيون تون چَري عيد تي
ٽھڪ نينگرين جا ٿا گونجن ھوا ۾
مِٺي ڪر تياري تون آ سنبري عيد تي
ھي ميلا عيدن جا پِريَن جي ديدن جا
ھي رنگين گھڙيون نہ وڃن گذري عيد تي
وري جاڳي پيا شبنمي احساس (ڪي بي)
پيا دل جا ڏيئا بہ ٻري عيد تي ....!
ڪي بي کوسو.

No comments:

Post a Comment