Sunday, June 25, 2017

ڏيان ٿو مبارڪ سڀن دوستن کي، آئي عيد مٺڙي مٺن دوستن کي. ڀلارو مهينو ڀلا ڀاڳ ڀاڱي، مليو برڪتن مان ڀلن دوستن کي



ڏيان ٿو مبارڪ سڀن دوستن کي،
آئي عيد مٺڙي مٺن دوستن کي.
ڀلارو مهينو ڀلا ڀاڳ ڀاڱي،
مليو برڪتن مان ڀلن دوستن کي.
غريبن يتيمن اڙيلن اسيرن،
ڪجو ياد اڄ بي هنن دوستن کي.
جتي ٿال ڀت جا بچندا اجائي
اتي ياد رکجو مڙن دوستن کي.
اگر عيد “محمود” گڏجي ڪجي ٿي،
مزو تڏ اچي ٿو ڪلن دوستن کي.

No comments:

Post a Comment