Monday, June 26, 2017

جڏھن هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءٗ آخري دفعو مليا !

جڏھن هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءٗ آخري دفعو مليا !
ذوالفقار قادري
هي ڀاءٗ ڀيڻ ھن کان اڳ 1989ع ۾ شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ مليا هئا جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ پهريون دفعو وزيراعظم چونڊجڻ بعد شام جي صدر حافظ الاسد جي دعوت ملڻ بعد سرڪاري دوري تي شام پهتي هئي ٖ دمشق ۾ بيبي زينب جي روضي تي حاضري ڀرڻ بعد رات جي ماني هن پنهنجي ڀاءٗ مرتضئ سان گڏ کاڌي هئي ٖ 1993ع وارين چونڊن ۾ لاڙڪاڻي واري تڪ پي ايس 31 تان سنڌ اسمبلي جي ميمبر چونڊجڻ بعد مير مرتضئ ڀٽو جڏھن وطن واپس ورڻ جو اعلان ڪيو تہ تڏھن سندس ڀيڻ بينظير ڀٽو پاڪستان جي ٻيو دفعو وزيراعظم بڻجي چڪي هئي ٖ بينظير ڀٽو ٖ پاڪستان جي مخصوص حالتن پٽاندر مير مرتضئ ڀٽو جي وطن واپسي جي حق ۾ نہ هئي
جڏھن تہ بيگم نصرت ڀٽو جو موقف هو تہ جڏھن غلام مصطفئ کر ۽ اجمل خٽڪ جهڙا ماڻھو واپس وطن اچي سگهن ٿا تہ مير مرتضئ ڀٽو کي بہ حق آھي تہ واپس وطن اچي هڪ آزاد شهري جيان زندگي گهاري سگهي ٿو ٖ ليڪن بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي ماءٗ تي واضع ڪيو تہ مير مرتضئ پنهنجي رسڪ تي واپس وطن اچي ٿو تہ اچي مان سندس واپسي جي حوالي سان ڪو بہ ڪردار ادا نہ ڪنديس ان کان علاوه مير مرتضئ کي وطن اچڻ کان پو۽ سندس جي مٿان داخل ڪيسن کي بہ عدالتن ۾ منهن ڏيڻو پوندو ٖ بيگم نصرت ڀٽو هڪ ماءٗ جي حيثيت ۾ ان سلسلي ۾ ان وقت جي آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ سان بہ ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ جنرل وحيد ڪاڪڙ ٖ بيگم نصرت ڀٽو تي واضع ڪيو تہ مير مرتضئ ڀٽو کي ڪيسن ۽ عدالتن سان منهن ڏيڻو پوندو جيڪڏھن عدالتون مير مرتضئ ڀٽو کي رليف ڏين ٿيون تہ اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي ٖ بحرحال مير مرتضئ ڪنهن بہ صورت ۾ 3 نومبر 1993ع تي وطن واپسي جو اٽل فيصلو ڪندي ڪراچي ايئر پورٽ تي پهچڻ جو اعلان ڪيو ٖ عوام کي مير مرتضئ جي استقبال کان روڪڻ لا۽ وزيراعلئ عبدالله شاه جي سنڌ سرڪار وسان نہ گهٽايو ان باوجود هزارين ماڻھو تمام پابنديون ٽوڙي ميرمرتضئ ڀٽو جو استقبال ڪرڻ واسطي ڪراچي ايئرپورٽ پهتا ٖ مير مرتضئ تمام خطرن باوجود 3 نومبر 1993ع تي وطن واپس پهتو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تان ئي پاڪستاني اختيارين ميرمرتضئ ڀٽو کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ سڌو کيس لانڍي جيل ڪراچي پهچايو ويو ٖ مير مرتضئ ڀٽو وطن پهچي جيل ۾ قيد دوران سنڌ اسمبلي وڃي صوبائي اسمبلي جي ميمبر طور قسم کنيو ۽ عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن بہ ڏيندو رهيو ٖ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي موڀي پٽ جي حاضرين تي ڪورٽ بہ ايندي رهي تہ جيل تي وڃي پٽ سان ملاقاتون بہ ڪندي رهي ٖ هڪ ڏينهن لانڍي جيل ۾ ملاقات دوران بيگم نصرت ڀٽو ٖ ميرمرتضئ کي ٻڌايو تہ بينظير چئي ٿي تہ مان مرتضئ سان ملڻ چاهيان ٿي پر بقول بينظير جي تہ هو ملڪ جي وزيراعظم آھي پروٽوڪول ۽ ٻين سببن جي ڪري سڌو سنؤن ملي نہ ٿي سگهان پر هن چيو آهي تہ مان مرتضئ سان ملاقات جو رستو ڪڍان ٿي مان سنڌ سرڪار کي چوان ٿي تہ وزيراعظم جيلن جو دورو ڪندي ان سلسلي ۾ پهرين هو ڪراچي سينٽرل جيل ويندي بعد ۾ لانڍي جيل پهچندي ۽ جيل جي وزٽ ڪندي هو تنهنجي وارڊ ۾ ايندي ۽ توسان ملندي اهڙي طرح جيلن جي وزٽ بہ ٿي ويندي ۽ بينظير ۽ تنهنجي ملاقات بہ ٿي ويندي ٖ مير مرتضئ پنهنجي امڙ تي واضع ڪيو تہ ادي بينظير کي منهنجي لا۽ اهڙي تڪليف ڪرڻ جي ضرورت نہ آھي ٖ وري ٻئي دفعي عيد ويجهي هئي بيگم نصرت ڀٽو هڪ ملاقات دوران مير مرتضئ ڀٽو کي چيو تہ عيد ويجهي آھي بينظير جي خواهش آھي تہ هو توکي پيرول تي آزاد ڪري ستر ڪلفٽن موڪلڻ چاهي ٿي اوهان عيد وارا ڏينهن ستر ڪلفٽن ۾ گذاريو پو۽ بينظير بہ عيد وارن ڏينهن ۾ ستر ڪلفٽن تي اچي ويندي اهڙي طرح سڄي فيملي عيد گڏ گذاريندي ۽ اهڙي طرح تنهنجي ۽ بينظير جي ملاقات بہ ٿي ويندي ٖ پر مير مرتضئ کي سرڪار جي اهڙي ڪا بہ رعايت قبول نہ هئي ٖ آخرڪار سنڌ ھا۽ ڪورٽ تمام داخل ٿيل ڪيسن ۾ مير مرتضئ ڀٽو جي ضمانت منظور ڪئي ۽ مير مرتضئ ڀٽو کي لانڍي جيل مان آزاد ڪيو ويو ٖ آزادي بعد مير مرتضئ ڀٽو رابطو مهم جو آغاز ڪيو ٖ چئني صوبن ۾ ماڻھن وٽ ويو ٖ سورنهن سالن بعد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ جو ماڻھن والهانہ استقبال ڪيو ٖ مير مرتضئ ڀٽو بلوچ اڳواڻن نواب اڪبر بگٽي ٖ نواب خير بخش مري ٖ سردار عطاءالله مينگل کان علاوه صحافين ٖ اديبن ٖ دانشورن ٖ وڪيلن ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون ٖ ڪرپشن ٖ اقربا پروري ٖ ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو ٖ آخر جولائي 1996ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو ٖ ميرمرتضئ ڀٽو کي نياپو ڏنو تہ وزيراعظم بينظير ڀٽو ساڻس ملڻ چاهي ٿي ٖ تنهن تي ميرمرتضئ ڀٽو پنهنجي امڙ تي واضع ڪيو تہ ادي بينظير بہ سياست ڪري ٿي ۽ مان بہ سياست ڪريان پيو ٖ اسان جي درميان مال ٖ روپئي ٖ پئسي جو ڪو ڦڏو ڪونهي ٖ بابا سائين جيئري جيڪو ڪجهہ جنهن کي ڏيڻو هو سو ورهائي ڏئي ويو سو اهڙو ڪو مسئلو ڪونهي باقي هو بہ سياستدان آھي ۽ مان بہ سياست پيو ڪريان ٖ مان ايئن بغير ڪنهن ايجنڊا جي ادي بينظير سان ملندس تہ ممڪن آ حڪومت ۾ ويٺل ڪي ماڻھو منهنجي لا۽ اها منفي پروپيگنڊا ڪن تہ مرتضئ ذاتي ڪم ڪار کڻي آيو هو ٖ ٻيو تہ ملاقات حوالي سان ڪا ايجنڊا طئي ٿيل ناهي نہ ئي ڪا لکت ۾ ملاقات جي ڪا دعوت مليل آھي ٖ ان لا۽ مان اهڙي ملاقات ڪرڻ کان قاصر آھيان ٖ مير مرتضئ جي اهڙي مؤقف بعد بيگم نصرت ڀٽو سڄي حقيقت بينظير ڀٽو صاحبہ سان ڪئي ٖ ان بعد بينظير صاحبہ پنهنجن هٿن سان مير مرتضئ کي خط لکيو تہ مان اوهان سان ملڪ جي سياسي صورتحال تي تبادلہ خيال ڪرڻ چاهيان ٿي بينظير صاحبہ اهو خط بيگم نصرت ڀٽو حوالي ڪيو ٖ انهن ڏينهن ۾ ميرمرتضئ ڀٽو پشاور جي دوري تي هو ٖ بيگم نصرت ڀٽو اهو خط رخسانہ بنگش حوالي ڪيو ٖ رخسانہ بنگش اهو خط ڀٽو خاندان جي هڪ ويجهي فيملي دوست نجيب ظفر حوالي ڪيو جنهن اهو خط مير مرتضئ ڀٽو کي پشاور پهچايو ٖ مير مرتضئ ڀٽو بينظير صاحبہ جي اهڙي خط ملڻ کان بعد بينظير صاحبہ سان ملڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پشاور کان اسلام آباد لا۽ روانو ٿي ويو ٖ ۽ وزيراعظم هاوس کي پنهنجي آمد جو ٽائيم ٻڌائي ڇڏيائين ٖ ڀاءٗ ڀيڻ درميان ستن سالن بعد اها ملاقات ٿي هئي ٖ مون ۽ منظور سولنگي ( منظور سولنگي هاڻ سنڌ ٽي وي ۾ آھي ) هڪ دفعي مير مرتضئ سان ڳالهہ ٻولهہ دوران مير مرتضئ ڀٽو کان جڏھن ان ملاقات بابت سوال ڪيو هو تہ مير مرتضئ ڀٽو ان جو جواب ڏيندي ٻڌايو تہ “ مون کي پشاور ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو نياپو مليو ٖهو تہ ادي بينظير مون سان ملڻ چاهي ٿي مون سنگت سان صلاح بعد ادي بينظير سان ملڻ جو فيصلو ڪيو ( واضع رهي تہ مير مرتضئ ڀٽو جڏھن بہ بينظير صاحبہ جو نالو وٺندو هو تہ کيس اڪثر ادي بينظير ڪري مخاطب ٿيندو هو ) پشاور کان اسلام آباد پهتس ٖ سنڌ هاوس پهچي فريش ٿي ادي سان ملڻ وزيراعظم هاؤس روانو ٿيس ٖ مون پنهنجي اچڻ جو اطلاع اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو ٖ گاڏي جيئن ئي وزيراعظم هاؤس جي گيٽ تي پهتي تہ ادي بينظير اڳ ۾ ئي دروازي تي منهنجي انتظار ۾ بيٺي هئي ٖ اسان ستن سالن بعد پاڻ ۾ ملي رهيا هيا سي ٖ مان جيئن ئي گاڏي مان لٿس تہ ادي بينظير انتهائي گرمجوشي سان مون سان ملي ٖ هو منهنجي وڏي ڀيڻ بہ هئي ٖ مون کي ڀاڪر ۽ ڳراٽڙي پائي ملي ۽ ڳلن تان چمي ورتائين ٖ مون بہ مٿي تي هٿ رکي عزت احترام سان ساڻس مليم ٖ اسين ڳالهائيندا پئي آيا سين ٖ ادي بينظير چيو پئي تہ مرتضئ پوئين دفعي اسين دمشق ۾ مليا هيا سين تہ تون ڪافي هيلٿي هئين هاڻي تون لٿل لٿل ٿو لڳين ٖ تنهن تي مون کيس چيو تہ دمشق ۾ مان روز واڪ ۽ جاگنگ ڪندو هئس تہ جسم متوازن رهندو هو هتي تہ سياسي مصروفيتن سبب واڪ ۽ جاگنگ بہ ڪونہ پئي ٿئي ٖ اسين ايئن ڳالهائيندا وزيراعظم هاؤس اندر اچي چڪا هئاسي ايتري ۾ امڙ بيگم نصرت ڀٽو بہ اچي وئي ٖ پو۽ ادي بينظير ٖ امڙ ۽ مان وڃي ڊائننگ ٽيبل تي ويٺا سين ٖ بينظير صاحبہ ننڍي هوندي جون يادگيريون ٻڌائڻ لڳي ٖ مرتضئ توکي ياد آ اسان ننڍي هوندي ڳوٺ ھلندا هئاسي ٖ عزت جي وانڍ جي زمين کان بعد نصرت فارم هلندا هئاسين اتي انبڙيون ٖ زيتون پٽيندا هئاسي پو۽ وري تلائن مان مڇيون ڦاسائيندا هئاسي ٖ شاهنواز ۽ صنم ۾ سدائين مقابلو ٿيندو هو پو۽ اسان فيصلو ڪندا هئا سي تون شاهنواز جو پاسو وٺندو هئين تہ مان وري صنم جو بچاءٗ ڪندي هئم ٖ ان بعد ماني لڳي بينظير صاحبہ پنهنجي هٿن سان کاڌا کڻي پئي ڏنا ۽ چيائين پئي تہ مرتضئ مون کي خبر آھي تہ توکي کاڌي ۾ ڇا وڻندو هو مون اهي کاڌا پاڻ تيار ڪرايا آھن ٖ بحرحال مون ٿوري ماني ورتي ۽ بس ڪئي تہ چيائين تون صفا ماني ئي نہ کاڌي ٖ تنهن تي مون کيس چيو اڄ مان گهڻي ماني کائي ويو آھيان ٖان بعد سياسي مامرن تي ڳالهہ شروع ٿي ٖ مون بينظير صاحبہ کي چيو پارٽي صحيح طرح عوام جي خدمت نہ ڪري سگهي آھي ٖ جن ماڻھن مارشل لا دور ۾ مذاحمت ڪئي تڪليفون سٺيون جن ماڻھن پنهنجون زندگيون قربان ڪري ڇڏيون اسان انهن کي ڇا ڏنو آھي ؟ تنهن تي بينظير صاحبہ چيو مرتضئ اسان انهن جي قربانين کي وساري نہ ٿا سگهون پر اسان حد ممڪن ڪوشش ڪئي آھي تہ انهن جي وارثن کي رليف ڏئي سگهون ٖ مون انهن تمام شھيد ڪارڪنن جي وارثن کي مالي معاوضو ٖ پلاٽ ٖ نوڪريون ڏنيون آھن ٖ تنهن تي مون ادي کي چيو ڇا هنن ماڻھن جي زندگي ۽ قرباني جو اجورو پلاٽ ٖ پئسا ۽ نوڪري آھي؟ اسان جي درميان ڪافي معاملن تي ڳالهيون ٿيون ٖ گفتگو هلندي اسان مير مرتضئ ڀٽو کان معلوم ڪيو تہ بينظير صاحبہ بيگم نصرت ڀٽو ۽ اوهان درميان ان ملاقات ۾ آصف علي زرداري بہ شريڪ هيو ؟ مير مرتضئ فورن جواب ڏنو آصف علي زرداري ڪونہ هيو ٖ جڏھن ادي بينظير ٖ امڙ بيگم نصرت ڀٽو ۽ مان ماني کاڌي سين تہ ان وقت تائين زرداري اسان جي درميان نہ هو ٖ ماني بعد جڏھن اسان جي سياسي ڪچهري شروع ٿي تہ آصف زرداري اچي خاموشي سان سلام ڪري ويهي رهيو ٖ مون جڏھن ادي بينظير کي چيو پارٽي وڏيرڪي بڻجي وئي آھي ۽ پارٽي مٿان ڪرپشن جون ڳالهيون پيون هلن تہ ان موقعي تي آصف علي زرداري ڳالهايو ۽ چيو “ مرتضئ اهي الزام ۽ پروپئگنڊا آھي “ ٖ تنهن تي مون آصف زرداري کي چيو مان اوهان سان ڳالهائڻ نہ پر بينظير سان ڳالهائڻ آيو آھيان اوهان اسان جي وچ ۾ نہ ڳالهايو ان تي بينظير صاحبہ کيس چيو آصف اوهان منهنجي ۽ مرتضئ جي وچ ۾ نہ ڳالهايو ان تي زرداري خاموش ٿي ويو ۽ ٿوري دير بعد مورڳو اٿي هليو ويو ٖ ان بعد ادي ۽ اسان جي درميان ڪافي ڳالهيون ٿيون ۽ پو۽ آخر ۾ بينظير چيو اسان هڪ ٻئي جي سياسي نقطہ نظر کي ٻڌو سمجهيو موڪلائڻ کان اڳ چيائين مرتضئ پاڻ ھاڻ سياسي مامرن تي ملندا رهندا سين پو۽ اسان اٿياسين ٖ بينظير آخري دروازي تائين مون سان گڏجي آئي ۽ اسان هڪ ٻئي کان سٺي انداز ۾ موڪلايو ٖ ميرمرتضئ ڀٽو ۽ بينظير صاحبہ درميان اها ملاقات 28 جولا۽ 1996ع تي ٿي هئي ڀاءٗ ڀيڻ درميان اها ملاقات شايد انهن خوني قوتن ۽ ڏائڻ صفت ماڻھن کي ڀانء نہ پئي ٺيڪ هڪ مهينو ٽيويهن ڏينهن بعد 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضئ ڀٽو جهڙو ڪونڌر مڙس پنهنجي ڀيڻ جي وزارت اعظمئ جي ڏينهن ۾ پنهنجي گهر جي دروازي تي ماريو ويو

No comments:

Post a Comment