Monday, June 26, 2017

لاڙڪاڻي جو نوجوان پهريون سنڌي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد محمد تقي لنڊ جنهن پنهنجي محنت سان آمريڪا ۾ يونائيٽ اسٽيٽ ملٽري اڪيڊمي ۾ سليڪٽ ٿي ويو


لاڙڪاڻي جو نوجوان پهريون سنڌي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد محمد تقي لنڊ جنهن پنهنجي محنت سان آمريڪا ۾ يونائيٽ اسٽيٽ ملٽري اڪيڊمي ۾ سليڪٽ ٿي ويو۔
هن پنهنجي محنت سان سنڌي قوم جو نالو روشن ڪيو آهي ۔
سنڌين ۾ پهريون سنڌي جنهن سنڌين جو شان ۽ مان رکندڙ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد اڄ آمريڪا ۾ پنهنجي ٽريننگ سرانجام ڏئي رهيو آهي۔
هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين سان انٽرنيٽ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته ، هن پنهنجي تعليم لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج مان ئي پرائي۔ هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته هن جي مليٽري تعليم ڪندي هن کي آمريڪا ۾ 2 سال ٿي چڪا آهن هن جي بقايا تعليم 2020 ۾ ختم ٿيندي ۽ سنڌي شاگردن جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌي شاگرد ڪنهن کان به گهٽ نه آهن
هو چاهين ته دنيا جي ڪيڏي به وڏي ڊگري محنت سان حاصل ڪري سگهن ٿا۔

No comments:

Post a Comment