Monday, June 26, 2017

یرے عشق نچایا ، کر کے تھیا تھیا چهیتی آویں وے طبیبہ, نئی تے میں مر گئ آں ذوالفقار قادري

یرے عشق نچایا ، کر کے تھیا تھیا
چهیتی آویں وے طبیبہ, نئی تے میں مر گئ آں
ذوالفقار قادري
اها 1996ع جي آخري عيد الاضحئ هئي ٖ لاڙڪاڻي جي ڀٽن جي اها پراڻي روايت رهي آھي تہ هو دنيا جي ڪهڙي بہ خطي ۾ هجن پر هو عيد جا ڏھاڙا لاڙڪاڻي ٖ نئون ديرو ۽ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺن ۾ اچي ملهائيندا هئا ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جي ان روايت کي بينظير ڀٽو صاحبہ ٖ مير مرتضئ ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو بہ برقرار رکيو ٖ جيستائين مير مرتضئ ڀٽو جلاوطن رهيو بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ بيگم نصرت ڀٽو هر عيد تي المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ اچي رهنديون هيون پو۽ نئون ديرو وڃي ڀٽي صاحب جي پهرين گهر واري شيرين امير بيگم ۽ نئين ديري واسين سان ملنديون هيون ان کان علاوه ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ ڀٽن جي خانداني قبرستان تي قبرن تي فاتحہ پڙھي ڳوٺ وارن سان ملي پو۽ اباڻي زمينن ٿي ڳوٺ عزت جي وانڍ ۽ نصرت فارم تي هارين سان بہ ملنديون هيون ٖ پر مير مرتضئ ڀٽو جي جلاوطني ختم ڪري واپس وطن پهچڻ ۽ جيل مان آزادي بعد ان روايت ۾ ٿوري تبديلي اها آئي تہ مير مرتضئ ڀٽو المرتضئ هاؤس ۾ اچي رهندو هو ٖ بينظير صاحبہ نئون ديرو منتقل ٿي وئي هئي ٖ ۽ اتي اچي رهندي هئي ٖ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي پٽ سان المرتضئ ۾ رهندي هئي ٖ هو هڪ ماءٗ هئي مير صاحب سان رهڻ سان گڏ بينظير صاحبہ ڏانهن نئون ديرو بہ ويندي هئي ٖ بينظير صاحبہ سان پروگرامن ۾ بہ هوندي هئي تہ وري مير مرتضئ جي فنڪشنن ۾ بہ ويٺي هئي ٖ باقي بينظير صاحبہ ۽ مير صاحب هڪ ٻئي ڏي نہ ايندا هئا ٖ سندن آخري ملاقات جولائي 1996ع ۾ بينظير جي خواهش تي وزيراعظم هاؤس اسلام آباد ۾ ٿي هئي جنهن جو احوال ڪنهن ٻئي دفعي لکبو ٖ باقي مير صاحب جا ٻار ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه المرتضئ هاوس ۾ ئي پيءٗ ۽ ڏاڏي سان هوندا هئا ٖ البتہ عيد واري ڏھاڙي بينظير صاحبہ پنهنجن ٻارڙن بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ کي تيار ڪري المرتضئ هاوس مامي مرتضئ سان ملڻ موڪليندي هئي ٖ اهو قصو آخري عيد الاضحئ جو آهي تہ مير مرتضئ پنهنجي ٻارڙن سميت لاڙڪاڻي پهتل هو ٖ ذوالفقار جونيئر ننڍڙو هو ٖ کين ڪنهن شيء جي ڪمي نہ هئي پر جونيئر سان راند ڪرڻ وارو ڪو ٻار ڪونہ هو سو ٻاراڻو مزاج اٻاڻڪو پيو لڳي سندس اها ڪيفيت مير مرتضئ ڀٽو جهڙي نبض شناس پيءٗ کان رهي ڪانہ وئي ٖ مير صاحب اچانڪ مون کان پڇيو تہ “ ذوالفقار ! تو کي گهڻا ٻار آھن “ مون مير مرتضئ ڀٽو کي ورندي ڏني تہ “ سائين مون تہ اڃا شادي ئي ڪونہ ڪئي آھي “ تنهن تي مير صاحب کلي چيو باقي حياتي ڪٿي گذاري اٿئي “ مون چيو سائين زندگي ۾ رولاڪ ڪامريڊ رهيا سي ٖ جيڪي وچاريون زندگي ۾ آيون ٖ انھن آخر آسرو پلي وڃي پنهنجا گهر وسايا “ تنهن تي مير صاحب چيو “ جونيئر بابا سان ڪو ٻار کيڏڻ وارو ڪونهي سو اداس اداس ٿو رهي ٖ مون مير صاحب کي چيو تہ سائين منهنجي وڏي ڀاءٗ شبير حسين قادري جو ننڍو پٽ جونيئر جي عمر جو آھي حڪم ڪيو تہ ان کي وٺي اچان ٖ تنهن تي مير صاحب چيو ٺيڪ آ ٖ جونيئر لا۽ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي عمر جا دوست ضروري آھن ٖ مير صاحب جي اجازت ملڻ کان پو۽ مان پنهنجي وڏي ڀاءٗ جي ننڍڙي پٽ ذوالقرنين کي المرتضئ هاؤس وٺي آيس ٖ منهنجي ڀائٽي کي ڏسي مير مرتضئ ڀٽو پنهنجي فرزند ذوالفقار جونيئر کي گهرايو ۽ کيس منهنجي ڀائٽي سان هٿ ملرائيندي چيائينس تہ هي اڄ کان وٺي تنهنجو دوست آھي ان لمحي کي ڪيئمرا جي اک محفوظ ڪري ورتو ٖ ڪنهن کي خبر آھي تہ مرتضئ ڀٽو جهڙي مانجهي مڙس پنهنجي پٽ ذوالفقار جونيئر لا۽ ڪهڙا خواب ڏٺا هوندا ٖ ذوالفقار جونيئر جي تازي تصوير بعد انيڪ تبصرا ٻڌڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آھيان مجموعي طور اسان جي سماج جي سوچ ئي ڪرپٽ ٿي وئي آھي ٖ لئي ٖ داٻو ٖ ڦوشر ٖ باڊي گارڊن جي لوڌ ٖ وڏين قيمتي گاڏين کي ئي ماڻھو سڀ ڪجهہ سمجهڻ لڳا آھن ٖ وڏا بنگلا ٖ ڪرپشن ٖئي ماڻھن کي متاثر ڪرڻ لڳا آھن ٖ صوفي فقير منش ماڻھو ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونہ آھن ان لا۽ ئي ماڻھن کي رت چوسيندڙ حڪمران سٺا ٿا لڳن ٖ

No comments:

Post a Comment