Sunday, June 25, 2017

غزل ❇❇❇❇❇❇ غلام قادر پنهور ڏٺو عيد جو چنڊ آ يار پرين مونکي تنهنجي ٿي آ سار پرين خوشيء جي موقعي تي هڪ عرض آ ٿورڙو مرڪي مون ڏي نهار پرين توکي ساري سپرين عيد ڏهاڙي بہ ڳلن تي آ لڙڪن جي لار پرين چنڊ کي جڏهن چتائي ڏٺو مون تنهن مان تنهنجا لڳا پار پرين اڄ بہ اداس اکيون تنهنجي قادر جون




غزل

غلام قادر پنهور
ڏٺو عيد جو چنڊ آ يار پرين
مونکي تنهنجي ٿي آ سار پرين
خوشيء جي موقعي تي هڪ عرض آ
ٿورڙو مرڪي مون ڏي نهار پرين
توکي ساري سپرين عيد ڏهاڙي بہ
ڳلن تي آ لڙڪن جي لار پرين
چنڊ کي جڏهن چتائي ڏٺو مون
تنهن مان تنهنجا لڳا پار پرين
اڄ بہ اداس اکيون تنهنجي قادر جون
تون پاڻ اچي ڏس هڪ وار پرين

No comments:

Post a Comment