Monday, June 26, 2017

سنڌ جي شاگرد سياست جو هڪ يادگار واقعو جڏھن اسمائيل وساڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ وهائي ڪڍي ذوالفقار قادري

سنڌ جي شاگرد سياست جو هڪ يادگار واقعو 
جڏھن اسمائيل وساڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ وهائي ڪڍي 
ذوالفقار قادري
20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي صدر سان گڏ پاڪستان جي سياسي تاريخ جي پهرين سولين چيف ماشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ ڪمانڊر انچيف جو عهدو سنڀاليو تہ سنڌ ۾ ممتاز علي ڀٽو کي گورنر ۽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو پر جلد ئي ڀٽي صاحب 1972ع وارو عبوري آئين نافذ ڪري ملڪ مان مارشل لا هٽائي سويلين حڪومتي سيٽ اپ جوڙيو ٖ 29 اپريل 1972ع تي مير رسول بخش ٽالپر کي سنڌ جو گورنر جڏھن تہ پهرين مئي 1972ع تي ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو وزيراعلئ بڻايو ويو ٖ سنڌ جي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽي 3 جولائي 1972ع تي سنڌ اسمبلي جي ايوان ۾ سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ وارو بل پيش ڪيو جنهن کي سنڌ اسمبلي 7 جولائي 1972ع تي اڪثريت رائي سان منظور ڪري ڇڏيو ٖ سنڌي ٻولي بل پاس ٿيڻ سان هڪ ممڻ مچي ويو ٖ اردو اخبار جنگ ۾ رئيس امروهي جو هڪ قطعو شايع ٿيو “ اردو کا جنازه هي زرا ڌوم تي نکلي “ بس پو۽ سڄي سنڌ ۾ لساني هنگاما شروع ٿي ويا ٖ ڪراچي ٖ حيدرآباد ٖ ميرپور خاص ٖ نوابشاه ٖ سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري فوج کي طلب ڪيو ويو ٖ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي ٻن شاگردن بشير تونيو ۽ عبدالقادر هاليپوٽو کي يونيورسٽي ويندي رستي ۾ لساني وڳوڙين ماري وڌو جڏھن تہ ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي استاد عبدالرزاق سومرو بہ شھيد ڪيو ويو ٖ حالتون ڪنٽرول تہ ٿي ويون پر سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ ويڇا وڌي ويا ٖ ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽي اپريل 1973ع ۾ قومي اسمبلي مان 73ع وارو آئين منظور ڪرايو ٖ جيڪو 14 آگسٽ 1973ع کان نافذالعمل ٿيو انهن ڏينهن ۾ عبدالحفيظ پيرزادو قانون ٖ انصاف ٖ پارليماني معاملن ۽ تعليم جو وفاقي وزير هو جنهن 1973ع جي آئين کي اسمبلي ۾ پيش ڪيو ۽ وڏي جاکوڙ بعد آخر ڀٽي صاحب تمام سياسي جماعتن جي سهڪار سان آئين پاس ڪرائي ورتو پر قومي اسمبلي جي ڪجهہ ميمبرن ان آئين تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جن ۾ مير رسول بخش ٽالپر جو ڀاءٗ مير علي احمد ٽالپر ٖ نواب خير بخش مري ٖ لياقت جتوئي جو پيءٗ عبدالحميد جتوئي ٖ مير منور ٽالپر جو پيءٗ ۽ فريال ٽالپر جو سهرو مير علي بخش ٽالپر ۽ ڪجهہ ٻيا شامل هئا ٖ ڀٽو صاحب مير علي احمد ٽالپر جي ڪاوڙ سندس ڀاءٗ مير رسول بخش ٽالپر مان ڪڍي ۽ کيس سنڌ جي گورنر شپ جي عهدي تان هٽائي سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي راضي رکڻ لا۽ پاڪستان جي مقتول وزيراعظم لياقت علي خان جي گهرواري بيگم رعنا لياقت علي خان کي 15 فيبروري 1973ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ٖ 1973ع ۾ ئي سيد غلام مصطفئ شاه کي ٽن سالن لا۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ٖ سنڌ ۾ تازو ئي لساني فسادن سبب حالتون ڪشيده هيون تہ مٿان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهہ نئين آئين ٺاهڻ ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪرڻ تي وفاقي وزير تعليم ۽ قانون حفيظ پيرزادي کي خوش ڪرڻ لا۽ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي اچڻ جي دعوت ڏني. سنڌ جي گورنر ۽ چانسلر هجڻ جي حيثيت ۾ ان وقت جي گورنر بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ وزيراعلئ ممتاز علي ڀٽو بہ ان تقريب ۾ حفيظ پيرزادي سان پڻ گڏ سنڌ يونيورسٽي مدعو ٿيل هئا. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيادت ان تقريب جي خلاف هئي ۽ حفيظ پيرزادي کي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي حق ۾ نه هئي پر جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپيل هڪ لڏو سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي اثر ۾ هجڻ جي ڪري ان تقريب ۾ ڪو به احتجاج يا هنگامو ڪرڻ جي حق ۾ نه هئو ٖ ان موقعي تي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيادت جنهن ۾ احمد خان جمالي ٖ نظير عباسي ۽ ٻيا شامل هئي اهو فيصلو ڪيو ته ان تقريب ۾ شرڪت ئي نه ڪبي . جڏهن ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ جي مطالبي جي حق ۾ ان تقريب کان هڪ ڏينهن اڳ ”ڪاليج“ جي حد ۾ جلسو منعقد ڪيوٖ سائين غلام مصطفيٰ شاهه، انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ٿيل ان جلسي تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو هو ۽ پنهنجي حمايتي شاگردن جيئي سنڌ جي يوسف جکراڻي ۽ سندس حامي دوستن ۽ سپاف وارن طرفان جوابي جلسو ڪرائي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيادت تي تنقيد ڪئي هئي. بهرحال پروگرام مطابق سنڌ يونيورسٽي ۾ حفيظ پيرزادي کي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو ٖ گورنر سنڌ بيگم رعنا لياقت علي خان ٖ قانون ۽ تعليم وارو وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادو پهتا ۽ تقريب شروع ٿي ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن 1973ع جي آئين ٖ عبدالحفيظ پيرزادي ٖ گورنر بيگم رعنا لياقت علي جي مخالفت ۾ نعري بازي شروع ڪئي. جڏهن تہ ڪجهہ شاگردن وري عبدالحفيظ پيرزادي ۽ وي سي سيد غلام مصطفئ شاه جي حق ۾ بہ نعري بازي ڪئي ان هنگاما آرائيءَ ۾ بيگم رعنا لياقت علي خان تي به هٿ کنيا ويا ته حفيظ پيرزادي جي خلاف پڻ نعرا لڳايا ويا. معاملو ايترو وڌي ويو جو هڪ ٻئي کي گاريون ۽ گٿا لفظ چيا ويا اتفاق سان اسماعيل وساڻ، حفيظ پيرزادي جي سامهون اچي ويو. حفيظ پيرزادي نعريبازي جي جواب ۾ ”مڇرجي“ جڏهن اسماعيل وساڻ کي گهٽ وڌ ڳالهايو تہ موٽ ۾ اسماعيل وساڻ وفاقي وزير قانون و تعليم عبدالحفيظ پيرزادي کي زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.جڏھن تہ ٻين شاگردن بيگم رعنا لياقت علي خان کي زوري ڌڪا ڏئي اسٽيج تان لاهي ڇڏيو ممتاز علي ڀٽو جو بچاءٗ ٿي ويو چوڻ وارا چون ٿا ان هل هنگامي پويان ممتازعلي ڀٽي جو هٿ هو بحرحال اهڙي طرح سڄي تقريب هنگامي جي ور چڙهي وئي. ان هنگاما آرائي ۾ هڪ پوليس آفيسر ايس پي پير بخش بلوچ کي دل جو دورو پئجي ويو ۽ اتي ئي ٿڏي تي ڪري پيو جڏهن تہ ڪجهه پوليس وارا زخمي پڻ ٿيا ان واقعي بعد ماحول ڪشيده ٿي ويو ٖ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي ٖ ڄامشوري جا سڀ مکيہ تعليمي ادارا اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪيا ويا ٖ تمام هاسٽلون خالي ڪرايون ويون ٖ گرفتاريون ٖ ڇاپا ٖ ريسٽيڪيشن آرڊر جاري ٿي ويا. اسماعيل وساڻ، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، امان الله شيخ، مولا بخش لغاري ٖ احمد خان شر ٖ احمد خان جمالي، مير محمد وساڻ، ذوالفقار شاه ڄاموٽ ٖ پارس ارشاد عباسي ٖ ديدار بلوچ سميت لاتعداد شاگرد گرفتار ڪيا ويا ٖانهن مان اسماعيل وساڻ، سڪندر ڀنگوار، عزيز ڀنگوار، امان الله شيخ ۽ مولا بخش لغاري ٖ احمد خان شر تي قتل ۽ هنگامي جا ڪيس داخل ڪيا ويا ٖشاه محمد شاه ٖ نظير عباسي ٖ ٻيا روپوش ٿي ويا ٖسنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل هنگامي جي حوالي سان سرڪار ڪراچي ۾ اسپيشل ٽربيونل جوڙيو جنهن جو سربراهہ مشهور جج احمد خان بارڪزئي کي مقرر ڪيو ويو ان کانپوءِ سيشن جج مقصود احمد شيخ مقرر ٿيو ٖ اڳتي هلي سرڪار سڀ ڪيس واپس وٺي گرفتار شاگردن کي آزاد ڪيو ۽ ريسٽيڪيشن آرڊر بہ واپس ورتا ويا ٖ هي هو اهو سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ جو هڪ اهم واقعو

No comments:

Post a Comment