Sunday, June 25, 2017

غزل آڪاش صدر چاچڙ اچي واهر ڪر ڪا عيد ٿئي




غزل
آڪاش صدر چاچڙ
اچي واهر ڪر ڪا عيد ٿئي
اک بند نه ڪر، ڪا عيد ٿئي
ڪنهن گُم سُم رستي ۾ آھيان
ائن ڇوڙ نه ڇر، ڪا عيد ٿئي
ورهن کان پسائي ٿي بارش
ٿو ڳوليان گهر، ڪا عيد ٿئي
ڀايان ٿو جيون ۾ الڪا
ڏکيو آ سفر، ڪا عيد ٿئي
خيرات حُسن جي ٿي گُهرجي
اچي کوليو در، ڪا عيد ٿئي
هن ڏيھ ۾ جذبو جاڳي جئن
لک اهڙو اکر، ڪا عيد ٿئي
آزاد وطن ٿي قوم گهري
ٿيون پاڻ امر، ڪا عيد ٿئي

No comments:

Post a Comment