Monday, June 26, 2017

بينظير ڀٽو کي جڏھن حبيب جالب لا جواب بڻائي ڇڏيو


بينظير ڀٽو کي جڏھن حبيب جالب لا جواب بڻائي ڇڏيو
ذوالفقار قادري
حبيب جالب سڄي عمر آمريت ۽ وڏيرا شاهي خلاف وڙھيو ٖ ايوبي آمريت ٖ يحئ خان جي مارشل لا ٖ مشرقي پاڪستان ۾ فوجي ڪاروائي خلاف هن سخت ترين انقلابي شاعري ڪئي جنهن جي پاداشت ۾ حبيب جالب جيلن ۾ رهيو ٖ وري جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار جڙي تہ هن ڀٽو سرڪار جي غلط قدمن کي بہ ڪونہ قبول ڪيو ۽ ڀٽو صاحب کي بہ ست سريون ٻڌايون ۽ وري جڏھن بينظير صاحبہ وزيراعظم بڻي تہ حبيب جالب سان ملڻ وئي ٖ کيس چيائين اوهان حڪم ڪيو اوهان کي ڇا کپي اوهان سڄي عمر جدوجهد ڪئي آھي ٖ بينظير صاحبہ جي اهڙي آفر کان پو۽ حبيب جالب بينظير صاحبہ کي هيٺيون شعر ٻڌايو !
وہی حالات ہیں فقیروں کے
دن پھریں ہیں فقط وزیروں کے
ہر بلاول ہے دیس کا مقروض
پاؤں ننگے ہیں بينظیروں کے
ان شعر ٻڌڻ بعد بينظير صاحبہ لاجواب ٿي وئي ۽حبيب جالب کي چيائين “ اوهان جي اندر ۾ اڃا انقلاب سمايل آ “
اهو حبيب جالب 1992ع ۾ بيمار ٿيو تہ وٽس دوا لا۽ پئسا بہ نہ هئا ۽ لاهور جي جنرل اسپتال جي خيراتي جنرل وارڊ ۾ داخل ٿيو ٖ اسپتال جو ميڊيڪل سپرنڊنٽنٽ راؤنڊ تي نڪتو تہ حبيب جالب کي جنرل وارڊ ۾ بستري تي ستل ڏسي سڃاڻي ورتائين ۽ حڪم ڪيائين تہ هي تہ ملڪ جو وڏو انقلابي شاعر آھي ٖ هن کي فورن اسپيشل وارڊ منتقل ڪيو وڃي ٖ ميڊيڪل سپرنڊنٽنٽ جي اهڙي آرڊر بعد حبيب جالب اهو چئي اسپتال ڇڏي هليو ويو تہ مون کان وڌيڪ مستحق ٻيا پيا آھن انهن جو علاج ڪيو وڃي ٖ ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي ميان نواز شريف ۽ بينظير صاحبہ تائين هر حڪمران کيس سهائتا جي آفر ڪئي پر حبيب جالب چيو مان ويڪاؤ مال نہ آهيان ٖ آخر هي يگانو شاعر 1993ع ۾ ڪسمپرسي جي حالت ۾ گذاري ويو - هن جي انقلابي شاعري کي اڄ بہ مڃتا ملي ٿي ٖ حبيب جالب جيڪڏھن چاهي ها تہ عيش عشرت جي زندگي گذاري ها سندس پويان بہ سکيا هجن ها پر حبيب جالب جو پٽ ياسر جالب اڄ بہ لاهور ۾ فارمي ڪڪڙين جو ٺيلهو هڻي پيٽ پالي ٿو پر کيس پنهنجي پيءٗ تي فخر آھي تہ هن جي پيءٗ کين حرام جي مال کان پاسي رکيو ٖ سندس گهر واري بہ بيماري جي حالت ۾ گذاري وئي پر سرڪار کان ان لا۽ مدد نہ ورتائين جو سندس مڙس حبيب جالب جي روح کي ڪا تڪليف نہ پهچي ٖ هڪ طرف حبيب جالب جهڙا اصول پسند شاعر هئا تہ ٻئي طرف اڄ جي دؤر جا شاعر ۽ اديب آھن جو سرڪار جي مراعتن کي هٿان وڃڻ نہ ٿا ڏين مان حبيب جالب سان ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ تقريب ۾ مليس ٖ پڇيائين ڪٿان جو آھين ٖ مون کيس ٻڌايو مان لاڙڪاڻي جو آھيان ٖ تہ چيائين ذوالفقار علي ڀٽو منهنجو ويجهو دوست هو ٖ پر جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بلوچستان آپريشن بعد سائين جي ايم سيد ٖ ولي خان ٖ نواب خير بخش مري ٖ سردار عطا الله مينگل ٖ ميرغوث بخش بزنجو ٖ مير شير محمد مري سميت سنڌي ٖ بلوچ ۽ پختون قومپرستن کي نظربند ۽ گرفتار ڪيو ويو تہ مون هڪ شعر لکيو ان شعر جي پاداشت ۾ مان بہ نظربند ٿيس ٖ اهو شعر تون بہ ٻڌ ٖ حبيب جالب پو۽ هي شعر مون کي ٻڌايو ٖ
قصر شاہی سے یہ حکم صادر ہوا
لاڑکانے چلو ورنہ تھانے چلو
اپنے ہونٹوں کی خوشبو لٹانے چلو
گیت گانے چلو ورنہ تھانے چلو
ورنہ لاڑکانہ چلو -

No comments:

Post a Comment