Monday, June 26, 2017

حسن درس جي ورسي حوالي سان لکيل “ حسن درس هڪ يگانو شاعر ذوالفقار قادري

“ حسن درس جي ورسي حوالي سان لکيل “
حسن درس هڪ يگانو شاعر 
ذوالفقار قادري
حسن درس سان پهرين ملاقات مون کي جامي چانڊيو ڪرائي هئي پو۽ حسن درس سان محبت جو هڪ تعلق جڙي ويو ٖ بينظير صاحبہ جي شھادت بعد کيس خراج پيش ڪرڻ لا۽ سندس چاليهي تي حيدرآباد ۾ مون پهريون پروگرام رکيو ٖ حسن درس ويٺي ويٺي بينظير جي خراج تحسين ۾ هڪ شاهڪار نظم لکي ورتي اتي موجود گواليار گهراڻي جي راڳي مظهر علي جڏھن حسن درس جي نظم نظم ڏٺي تہ چيائين حسن پاڻ بہ هي اسٽيج تان پڙھي پر هن نظم ۾ مان ۽ ذوالفقار علي ترنم ۾ پيش ڪنداسين اتي ۾ را۽ ڏني تہ مان راڳ جو پرستار تہ ضرور آھيان پر راڳ جي “ راڳڻين “ جي خبر ڪونهيم پر جي حسن درس جي هي نظم “ سر راڻي “ ۾ ڳائي وڃي تہ ڏاڍو مزو ايندو ٖ منهنجي ان را۽ تي حسن درس ٖ ذوالفقار علي ۽ مظھر علي بہ واه واه ڪئي ٖ آخر پروگرام واري شام حسن اها نظم پاڻ بہ اسٽيج تان پڙھي ان بعد ذوالفقار علي ۽ مظھرعلي بہ بينظير صاحبہ خراج تحسين پيش ڪرڻ لا۽ حسن درس جي اها نظم “ سر راڻي “ ۾ ترنم واري انداز ۾ پيش ڪئي ان نظم پو۽ ايڏي مشهوري ماڻي جو بينظير صاحبہ جي ياد ۾ ٿيندڙ هر پروگرام جي زينت بڻجي وئي
اهائي آجيان ٿي هُئي
اُهائي الوداع ٿي وئي
ادي هي آجيان ڪهڙي
وئي جا موڪلاڻي ٿي
سمورو سوڳ سمجهين ٿي
سمورو روڳ ڄاڻين ٿي
ادي هي آجيان ڪهڙي
وئي جا موڪلاڻي ٿي
قضا جي ڪوٽ ڪاري جي
وري ساڳي ڪهاڻي ٿي
تون ئي ڌرتي جيان آهين
اسان جو ٻيو وطن ڪهڙو
شهادت ۽ گلابن کي
ڀلا ايندو ڪفن ڪهڙو
سدائين جا هُجي جيئري
ڪبو تنهن کي دفن ڪهڙو۔

No comments:

Post a Comment