Monday, June 26, 2017

“ جنم ڏينهن حوالي سان لکيل “ جڏھن وزيراعظم بينظير ڀٽو مون کي تنظيم آزادي فلسطين جي سربراه ياسر عرفات سان ملايو ذوالفقار قادري دنيا ۾ ڪي انسان غير معمولي جنم وٺن ٿا جن کي ماڻھو سندس وڇوڙي بعد بہ ياد رکن ٿا ٖ بينظير ڀٽو بہ انهن مان هڪ هئي جنه


“ جنم ڏينهن حوالي سان لکيل “
جڏھن وزيراعظم بينظير ڀٽو مون کي
تنظيم آزادي فلسطين جي سربراه ياسر عرفات سان ملايو
ذوالفقار قادري
دنيا ۾ ڪي انسان غير معمولي جنم وٺن ٿا جن کي ماڻھو سندس وڇوڙي بعد بہ ياد رکن ٿا ٖ بينظير ڀٽو بہ انهن مان هڪ هئي جنهن جي يادن جا نقش عرصو ياد رکيا ويندا بينظير ڀٽو صاحبہ جڏھن ڊسمبر 1988ع ۾ پهريون دفعو وزير اعظم منتخب ٿي تہ ان جي ڪجهہ مهينن بعد 1989ع ۾ تنظيم آزادي فلسطين جو سربراه ياسر عرفات پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهتو ٖ اسلام آباد پهچڻ بعد ياسر عرفات ٖ وزير اعظم بينظير ڀٽو سان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو وڃي ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر تي حاضري ۽ ايثال ثواب لا۽ قل پڙھڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو ٖياسر عرفات کي سرڪاري طور سربراه مملڪت جو پروٽوڪول ڏنو ويندو هو ٖ انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر قلي بخش ( ڪي بي ) رند هو ٖ سو ڪمشنر لاڙڪاڻو کي اسلام آباد ۽ ڪراچي مان هدايتون مليون تہ وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ ياسر عرفات ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پهچي رهيا آھن فورن انتظامات ڪيا وڃن ٖ سو راتو رات ڳڙھي خدا بخش ۾ ھيلي پيڊ تيار ڪيو ويو ان سان گڏ سيڪيورٽي جا انتظام بہ ڪيا ويا مٿان کان مليل شيڊول مطابق ڳڙھي خدا بخش ڀٽو هيلي پيڊ تي صرف ڏھہ منتخب ماڻھو معزز مهمانن جو استقبال ڪندا جيڪي نالا بہ مٿيان موڪليا ويا جن ۾ اهي معزز شامل هئا جيڪي ڀٽو صاحب جا ساٿي رهيا هئا ٖ شيڊول مطابق ياسر عرفات کي اسلام آباد مان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پهچي ڀٽو صاحب جي قبر تي قل پڙھي واپس ٿيڻو هو اب بعد ياسر عرفات جي مان ۾ وزير اعظم بينظير ڀٽو طرفان مانجهاندي جي ماني جو انتظام المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ رٿيل هو جنهن ۾ وزيرن ٖ۽ پارٽي اڳواڻن کي بہ مدعو ڪيو ويو هوٖ جيئن تہ ياسر عرفات ۽ وزير اعظم بينظير ڀٽو کي اسلام آباد مان سڌو خصوصي جهاز ۾ سکر ايئر پورٽ پهچڻو هو اتان وري هيلي ڪاپٽرن ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پهچڻو هو ٖ مون کي جڏھن اهڙي پروگرام جي خبر پئي تہ مون بغير ڪنهن سوچڻ سمجهڻ جي ڳڙھي خدا بخش وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي سو مان قمبر شھر ۾ پنهنجي پاڙي جي ڪپڙي واري غفور شيخ کان ٽيهن روپين ۾ حاجين وارو فلسطين نما رومالي وٺي قمبر مان ڳڙھي خدا بخش روانو ٿي ويس ٖ خير سان اتي پهتس تہ سمورو ڳڙھي خدا بخش سيڪيورٽي وارن جي حوالي ٿيل هو سيڪيورٽي وارن ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ ئي ڪونہ ڏنو ٖ مون ڳڙهي جي مين داخلي روڊ تي بيٺل هڪ واقف ڪار پوليس اهلڪار کان پڇيو تہ ان ٻڌايو تہ وي وي آ۽ پي موومينٽ جي ڪري ڳوٺ جا سمورا داخلي خارجي رستا بند آھن معزز مهمانن جي آمد روانگي تائين ڪنهن کي بہ ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي ۽ ڳوٺ وارن کي بہ گهرن تائين محدود ڪيو ويو آھي ٖ مون ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لاء جڳاڙ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيس ٖ مايوس ٿي نئون ديرو کان رتوديرو ويندڙ روڊ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جو واحد مکيہ داخلي روڊ هو ان روڊ سان هڪ اسپيڊ بريڪر لڳ روڊ جي سائيڊ سان وڻ ھيٺان ساهي پٽڻ لا۽ بيٺم جڏھن تہ اتي بہ بيهڻ جي اجازت نہ هئي هڪ واقفڪار پوليس واري کي چيم ڪجهہ ساهي پٽي وڃان ٿو سو ڪجهہ لمحن بيهڻ جي اجازت ملي ٖ ايتري ۾ ڏٺم تہ هڪ وڏو پوليس ڪانوا۽ پئي آيو ٖ گاڏيون بريڪر وٽ آھستي ٿيون تہ ڏٺم ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن قلي بخش رند ٖ ڊي آ۽ جي خالد شيخ ٖ ڊپٽي ڪمشر امتياز شيخ ٖ ايس ايس پي سيد مشتاق شاه جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو قافلو ڳڙھي خدا بخش وڃڻ لا۽ اچي گذريو ٖ بريڪر وٽ گاڏيون آھستہ ٿيون تہ ڪمشنر ڪي بي رند جي مون تي نظر پئي تہ گاڏي روڪيائين ڇو تہ قلي بخش رند کي بينظير صاحبہ پنهنجي پهرين لاڙڪاڻي واري وزٽ ۾ منهنجي پارت ڪندي چيو هو تہ “ رند صاحب هي ڇوڪرو مون کي پنهنجي ننڍن ڀائرن جيان آھي هن جو خيال رکجو “ سو مون کي جو ڪمشنر قلي بخش رند صاحب ڏٺو تہ پڇيائين “ ذوالفقار ! هتي ڪيئن آيو آھين مون کيس ٻڌايو تہ ياسر عرفات جي اچڻ جي خبر پئي ان لا۽ آيس ٖ رند صاحب چيو بابا هتي صرف مخصوص ماڻھن کي مدعو ڪيل آھي باقي پروگرام المرتضئ ۾ آھي “ مان مايوس ٿي ويس ٖ ڪمشنر صاحب منهنجي مايوس چهري کي ڏسندي چيو وڃ پويان ڊي سي امتيازشيخ صاحب جي خالي گاڏي ۾ خاموشي سان ڊرائيور سان ويهي رهو ٖ مان تڪڙ ۾ ٽپ ڏئي وڃي ان گاڏي ۾ ويهي رهيس ٖ هي سمورو ڪانواء ڳڙھي خدا بخش ڀٽو هيلي پيڊ تي پهتو اتي ڪجهہ ٽينٽ لڳل هئا سڀ آفيسر اچي ٽينٽ ۾ ويهي رهيا مان بہ خاموشي سان پويان وڃي ويهي رهيس ايتري ۾ ڪجهہ گاڏين ۾ ٻيا مهمان بہ آيا جن لاء ٻڌايو ويو تہ اهي هيلي پيڊ تي معزز مهمانن جي آجيان ڪندا ٖ اڃان اهي ڳالهيون هليون پئي تہ سيڪيورٽي الرٽ ٿي وئي ۽ فضا ۾ ٽي هيلي ڪاپٽر نمو دار ٿيا ۽ پو۽ واري واري سان اهي لينڊنگ ڪندا ويا ٖ هيلي ڪاپٽرن جي لهڻ سان مٽي ڌوڙ ڏاڍي اٿي پر اسان وارو ٽينٽ ڪافي پر ڀرو هو جڏھن فضا صاف ٿي وئي تہ تڪڙ ۾ ڳاڙھو قالين وڇايو ويو قالين وڇائڻ کان پو۽ ٽينٽ ۾ ويٺل مهمانن کي چيو ويو تہ هلو قالين تي هلي بيهو ٽوٽل ڏھہ ماڻھن کي ڳاڙھي قالين تي بيهاريو ويو مون ان موقعي تي معصوم ۽ مايوس چهري سان ڪمشنر قلي بخش رند صاحب ڏي ڏٺو جنهن منهنجي چهري کي پڙھندي اشاري سان ڄڻ چيو تہ وڃ تون بہ بيهي ره ان موقعي تي اسپيشل برانچ جي هڪ اهلڪار مون کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر رند صاحب ان کي روڪي ڇڏيو ٖ ۽ مان بہ وڃي انهن مهمانن سان گڏ آخر ۾ ان وڇايل مخصوص قالين تي بيهي رهيس ٖ ٿوري دير کان پو۽ ھيلي ڪاپٽرن جا دروازا کليا پهرين سيڪيورٽي وارا لٿا جن ۾ ياسر عرفات جي سيڪيورٽي وارا فلسطيني ڪمانڊوز بہ هئا ٖ پو۽ آخري هيلي ڪاپٽر مان ياسر عرفات ۽ وزير اعظم بينظير ڀٽو بہ لٿا لهڻ سان سڌو وڇايل مخصوص قالين طرف آيا ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ واري واري سان ياسر عرفات کي مهمانن سان سندن جو تعارف ڪرائي کيس ملرائي رهي هئي ٖ هاڻي مون کي اچي پنهنجي ساه جي لڳي ڇو تہ مان اتي پروٽوڪول جي ابتڙ بيٺو ھئس ٖ مون ان موقعي تي قمبر شھر مان غفور شيخ ڪپڙي واري کان ورتل فلسطيني نما رومال فلسطينين جيان مٿي سان ٻڌي ڇڏيو هو دل ۾ شرارت طور ڪو جڳاڙ سوچي رهيو هئس ٖ آخر الله الله ڪري اهو لمحو آيو جو منهنجي تعارف جو وارو اچڻ وارو هو ڇو تہ بينظير صاحبہ بيٺل مهمانن جو تعارف پاڻ ڪرائي رهي هئي هو انهن جي نالي وغيره کان ذاتي طور واقف هئي سو منهنجو واري کان اڳ ئي بينظير صاحبہ جي نظر مون تي پئجي چڪي هئي سو جڏھن منهنجو وارو آيو تہ بينظير صاحبہ ياسر عرفات کي منهنجو تعارف ڪرائيندي کيس انگريزي ۾ ٻڌايو تہ “ ايڪسيلينسي ! هي ذوالفقار قادري آھي ٖ اسان جي نوجوانن بابت تنظيم يوٿ آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري آھي “ ياسر عرفات مڪمل فلسطيني ڪمانڊو يونيفارم ۾ هو پاسي ۾ کيس مخصوص “ ميگاروف “ پسٽل لڳل هو ٖ جڏھن بينظير صاحبہ ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو تہ ياسر عرفات هٿ وڌائي مون سان ملايو ٖ ان لمحي مون دل ۾ الله کي ياد ڪري قلندري فقيري جڳاڙ ڪيو جيئن ئي ياسر عرفات مون سان هٿ ملايو مون جڳاڙي انگريزي عربي ۾ کيس چيو“Exellency we are ready for jihad fil palestine " ايكسيلنسي وؤي ار ريدي فار جهاد في الفلسطين“ منهنجو اچانڪ اهو جڳاڙي جملو ياسر عرفات کي چوڻ ۽ ياسر عرفات جو مون کي پاڻ ڏي ڇڪي ڳلن تي ٿپڪي هڻندي چيو “ ٿينڪس ٿينڪس ينگ مين “ اتي مون نوٽ ڪيو تہ بينظير صاحبہ جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ ھئي ٖ ان بعد بينظير صاحبہ ۽ ياسر عرفات ڪاري رنگ جي مرسڊيز گاڏي ۾ ويهي سخت سيڪيورٽي ۾ ڀٽي صاحب جي قبر ڏانهن روانا ٿيا ۽ اسان بہ گاڏين ۾ چڙھي اتي پهچي دعا گهري ٖ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ ڀٽي صاحب جي قبر تي دعا گهرڻ کان پو۽ وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ ياسر عرفات هيلي ڪاپٽرن ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا اسان باقي سڀ باء روڊ لاڙڪاڻي روانا ٿيا سي ٖ اتي المرتضئ هاوس ۾ ياسرعرفات جي مان ۾ بينظير صاحبہ طرفان مانجهاندي جي ماني هئي ٖ سو معزز مهمانن مانجهاندو ڪيو ٖ ماني کان پو۽ ڪجهہ پارٽي اڳواڻن بينظير صاحبہ کي عرض ڪيو تہ ياسر عرفات کي ڏسڻ جو موقعو مليو آھي سو اوهان ياسر عرفات کي چئو تہ اسان سان فوٽو ڪڍرائي سو بينظير صاحبہ ياسر عرفات کي چيو محترمہ جي چوڻ تي ياسر عرفات اڳواڻن سان فوٽو پئي ڪڍرايا ان موقعي تي بينظير صاحبہ شڪار پور سان تعلق رکندڙ سپاف جي ساٿين مرحوم لالا جهانگير ٖ مرحوم اعجاز ڪماريو ۽ مرحوم نثار مگسي کي بہ ياسر عرفات سان ملايو ٖماحول خوشگوار لڳو پيو هو مون صرف بينظير صاحبہ کي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو آمد تي هيلي پيڊ تي ياسر عرفات سان تعارف ڪرائڻ تي سندس احسانمندي تي شڪرئي لا۽ سلام ڪيو تہ بينظير صاحبہ مون کي چيو “ ذوالفقار ! تون ڳڙھي خدا بخش ۾ ايڪسيلنسي ياسر عرفات کي ڇا چيو ؟ ابا اتي منهنجو ساه سڪي ويو تہ الائي ياسر عرفات کي چيل جڳاڙي جملو ڳچي ۾ پئجي ويو سو مون بينظير صاحبہ کي جواب ۾ چيو “ بي بي سوري غلطي ٿي وئي “ تنهن تي بينظير چيو نہ نہ اهڙي ڳالهہ نہ آھي ايڪسيلينسي جڏھن مون سان ڪار ۾ ويٺا تہ چوڻ لڳا اوهان جي نوجوانن ۾ فلسطين جي لا۽ ڪيترا تہ جذبا آھن ٖ مون کي بہ سٺو لڳو “ بينظير صاحبہ جي اهڙن لفظن تي منهنجي خوشي جي انتها نہ رهي ٖ شڪر آ مالڪ جو مون وارو جڏو سڏو جڳاڙ اگهي ويو ٖ بينظير صاحبہ جي قربتن ۽ شفقتن جي ڪهڙي ڳالهہ ڪجي پر هن سٽن لکڻ وقت مان لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڪمشنر قلي بخش رند صاحب جو شڪريو ادا نہ ڪيان تہ اها احسان فراموشي ٿيندي ٖ قلي بخش رند صاحب منهنجي هي پوسٽ پڙھن تہ مهرباني ڪري اهي فوٽو شيئر ڪندا تہ سندن قرب ڇو تہ مون کي پو۽ خبر پئي تہ ياسر عرفات جي انهيء وزٽ جي سموري فوٽو گرافي جو البم قلي بخش رند صاحب وٽ محفوظ آھي ٖ هاڻ هن دنيا ۾ نہ ئي بينظير صاحبہ رهي آهي ۽ نہ ئي ياسر عرفات پر مون کان بينظير جي اها “ گريٽ نيس “ اڄ بہ ناهي وسري تہ هوء ڪيئن پنهنجي هيٺين ڪلاس جي ڪارڪنن جي عالمي اڳواڻن آڏو بہ عزت افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪندي هئي ٖ

No comments:

Post a Comment