Monday, June 26, 2017

ڪجهہ ذڪر آمريڪي ويزا جو ذوالفقار قادري




ڪجهہ ذڪر آمريڪي ويزا جو
ذوالفقار قادري
سانا ( سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ) جي 30 جون تي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن جي حوالي سان آمريڪا وڃڻ بابت ڪافي دوست سوال ٿا ڪن سو مون کان غلط بياني پڄي ڪونہ سموري زندگي ۾ پاڪستان کان ٻاهر ويو ئي نہ آھيان ۽ ٻاهر وڃڻ جي حسرت بہ نہ رهي اٿم ٖ سانا جي دوستن قرب ڪيو هنن دعوت نامون موڪليو ٖ منهنجي مالي حيثيت ئي آمريڪا وڃڻ جهڙي ناهي بس عزت جي دال روٽي ملي ٿي اهو ئي ڪافي آھي ٖ اپريل ۾ دعوت نامون مليو مون اهو فائيلن ۾ رکي ڇڏيو مئي جو سڄو مهينو گذري ويو جون جو مهينو اچي ويو ٖ دوستن چيو ويزا لا۽ ڪوشش ڪري ڏس مون ذوالفقار هاليپوٽو سان رابطو ڪيو جنهن منهنجي فارم وغيره جي حوالي سان رهنمائي ڪئي نثار کوکر بہ رابطي ۾ رهيو مون توڪل ڪري آن لائين ويزا فارم ڀري ڇڏيو جيڪو بہ سچ هو لکي ڇڏيم ٖ آمريڪي قونصل خاني کان اي ميل آئي تہ بينڪ ۾ ويزا في جا 16960 روپيا جمع ڪرايو ٖ مون بينڪ ۾ ويزا في جمع ڪرائي ڇڏي تہ اي ميل آيو تہ 5 جون تي صبح جو اٺين وڳي آمريڪا قونصل خاني ڪراچي ۾ اوهان جو انٽرويو آھي ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ اڳ پهچي وڃو حيدرآباد مان فجر جو بس تي چڙھي سهراب ڳوٺ لٿس اتان رڪشا ڪري قونصل خاني پهتس ٖ اتي تہ وڏو لقاءٗ لڳو پيو هو وڏين مهانگين گاڏين ۾ ڪروڙ پتي ڪاروباري ماڻھو ٖ آفيسر ٖ وڏي ڪلاس جون پينٽ شرٽ ٖ ساڙھي پاتل خواتين جو وڏو هجوم نظر آيو ٖ ڇهن هنڌن تي سيڪيورٽي چيڪنگ ۽ ڪاغذن ڏسڻ بعد اچي لائين ۾ بيٺس آمريڪا ويزا آفيسر انگلش ۾ ماڻهن کان انٽرويو وٺي رهيا هئا ٖ ڏٺم تہ چڱن ڀلن جا جيڪي ڪئين دفعا آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا چڪر هڻي آيا هئا يا سندن فيملي بہ سالن کان آمريڪا ۾ پئي رهي انهن جي بہ ويزا درخواست رد پئي ٿي اهو لقاءٗ ڏسي دل ۾ سوچيم مون کي تہ ويزا ملندو ئي ڪو نہ ٖ بحرحال منهنجو نمبر آيو تہ آمريڪن ويزا آفيسر انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو ۽ سوال پڇڻ شروع ڪيا مون کيس چيو انگريزي نہ ايندي اٿم مهرباني ڪري ترجمان ڏيو پڇيائين ڪهڙي ٻولي جو ترجمان کپي مون چيو سنڌي ٻولي جو ترجمان هجي چيائين هن وقت سنڌي ترجمان موجود ناهي اردو موجود آھي مون چيو ٺيڪ آھي بس جهٽ ۾ هڪ اردو ڳالهائيندڙ نينگري ترجمان طور اچي بيٺي انگريز ويزا آفيسر 25 سوال پڇيا نينگري اسان جي درميان رابطي وارو ڪم سرانجام ڏيندي رهي هر حوالي سان سوال ڪيائين منهنجا اخباري آرٽيڪل ٖ سوشل ڪم ٖ تعليمي سرٽيفڪيٽ ٖ بينڪ اسٽيٽمنٽ ( جنهن ۾ بنهہ ٿورا پئسا سي بہ اڌارا ورتل هئا ) ڏٺائين چيائين ڪڏھن واپس ايندي چيو مانس بس ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪري واپس ٿيندس آخر وڃي انگريز کلي چيو توکي پنجن سالن جي ويزا ڏيون ٿا پاسپورٽ جمع ڪر ٖ ڏٺم تہ اتي موجود ڪروڙ پتي ماڻھو بہ مون کي خوشنصيب سمجهي رهيا هئا ۽ مون کي حسرت سان پئي ڏٺن پنجن ڏينهن بعد پاسپورٽ ويزا سميت گهر اچي رسيو ٖ ويزا ملڻ بعد چپ ڪري ويهي رهيس جيڪو پڇا پيو ڪري ان کي سچ ٻڌايم تہ ٽڪيٽ جا پئسا ئي ڪونهن تہ آمريڪا ڪيئن ويندس پر جس هجي انهن دوستن کي جن پاڻ ۾ ملي ڪري منهنجي ٽڪيٽ ٖ آمريڪا ۾ رهائش ۽ گهمڻ جو بندوبست ڪيو آھي خير سان 30 جون تي ڪراچي کان آمريڪي شهر لاس اينجلس جي لا۽ فلائيٽ آھي ٖ ھن وقت ڪنهن مجبوري سبب انهن دوستن جا نالا نہ ٿو لکي سگهان خير سان واپسي تي آمريڪا جي پوري سفر تي جڏھن لکندس پو۽ انهن تمام مهربانن جي باري ۾ بہ لکندس ٖ دوستو هي حقيقت آھي منهنجي آمريڪي ويزا ٖ ٽڪيٽ ۽ ٽوئر جي پر اڃا هڪ ڳڻتي ورائي وئي اٿم سڄي عمر پينٽ شرٽ پاتي ڪونهي هاڻي ان فڪر ۾ آھيان تہ پينٽ شرٽ ڪيئن پائيندس ٖ باقي ڪارا ڪپڙا ٖ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ تہ اٿم اهي ڪاڏي نہ ويا

No comments:

Post a Comment