Monday, June 26, 2017

سنڌ جي شاگرد سياست ۾ تعليمي اداري اندر پهريون قتل ڪيئن ۽ ڪنهن ڪيو ؟



سنڌ جي شاگرد سياست ۾ تعليمي اداري اندر پهريون قتل ڪيئن ۽ ڪنهن ڪيو ؟
ذوالفقار قادري 

ڊسمبر1971ع ۾ مشرقي پاڪستان جي عليحدگي ۽ بنگلاديش جي قيام کان پو۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان سنڌ جي شاگرد سياست ۾ نون لاڙن ۽ هڪ نئين صف بندي جو آغاز ٿيو ٖ کاٻي ڌر جي ترقي پسند سوچ جي حوالي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن تہ ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي ون يونٽ وارن ڏھاڙن ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي ٖ سائين جي ايم سيد جي قومپرست نظرئي پٺيان اقبال ترين ٖ شاه محمد شاه ٖ مدد علي سنڌي ۽ ٻين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ وري جن شاگرد اڳواڻن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت نہ ڪئي هئي انهن مان وري لالا قادر ۽ ڪجهہ شاگرد اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي جن جو منشور سنڌي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائڻ ھوٖ اڳتي هلي لالا قادر ٖ روشن پنهور ٖ غلام مصطفئ ڀٽو ۽ ٻين ممتاز علي ڀٽي جي چوڻ تي سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي سنڌ جي قومپرست شاگرد سياست جي مدمقابل ۽ سنڌي شاگردن ۾ پ پ پ حامي تنظيم جي ضرورت جي پيش نظر سپاف ۾ تبديل ڪيو ٖ ڀٽو سرڪار وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي شاگرد سياست ۾ مجموعي طور ٽي شاگرد تنظيمون جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٖ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سپاف سرگرم رهيون ٖ ڀٽو صاحب 1973ع ۾ سيد غلام مصطفئ شاه کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ٖ جڏھن تہ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي کي اڃا يونيورسٽي جو درجو نہ مليو هو سو اها مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو طور ڪم ڪندي هئي پرنسپال ڊاڪٽر افغان کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو ان جي جا۽ تي ٖڊاڪٽر اي ايف عباسي انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو هو غني درس ٽنڊو الهيار وارو انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري هو ٖ يوسف جکراڻي ٖ اسرار سرڪي ٖ شاهنواز شاه ان دور ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم اڳواڻ ليکيا ويندا هئا. يوسف جکراڻي جي قيادت ۾ جيئي سنڌ سان وابستہ شاگردن جو هڪ ٽولو اهڙو بہ هو جنهن کان عام شاگرد ڇرڪندا ۽ لهرائيندا هئا ٖاهڙي طرح شاگردن جو هڪ ٻيو ٽولو وري انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ پير منور ٖ غازي بروهي وارن جي سربراهيءَ ۾ سرگرم هوندو هو، جنهن کان پڻ عام شاگرد ڊڄندا هئا. وڏي بدقمستي اها هئي جو مٿي بيان ڪيل ٻئي گروپ هڪٻئي جا ”مخالف“ هئا .هڪ ڏينهن انجنيئرنگ ڪاليج جي امتحانن جي تاريخ ۽ رزلٽ جي سلسلي ۾ ڪاليج جي شاگردن ڪاليج ۾ جنرل باڊي گهرائي هئي. ان جنرل باڊيءَ ۾ ڪنهن معمولي ڳالهہ تان غازي بروهي ۽ شاهنوار شاهہ جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي. غازي بروهي جو تعلق پير منور وارن سان هو، جڏهن تہ شاهنوار شاهہ جو واسطو يوسف جکراڻي گروپ سان هو.ان تلخي جي نتيجي ۾ ٻنهي گروهن جي وچ ۾ ”انا“ جو مسئلو پيدا ٿي پيو.ڪاليج ۾ ٿيل جهڙپ جي خبر جڏهن يوسف جکراڻي کي پئي ته هو جذباتي ٿي ويو ۽ چند دوستن سان اچي ڪاليج پهتو، ان دوران سڀ شاگرد ٽڙي پکڙي ويا هئا. يوسف جکراڻي هٿيارن سان ڪاليج جي ڪينٽين ۾ به آيو پر اتي سندس مخالف گروپ جو ڪو بہ سرگرم شاگرد نظر نہ آيو ڪينٽين کان ٻاهر نڪتو ته سندس نظر غني درس تي پئي جيڪو ان وقت ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري هو. غني درس جي دوستي پير منور گروپ جي همراهن سان ضرور هئي پر هو اهڙي فسادي ماحول ۽ جهڳڙن کان پري ڀڄندڙ هو. يوسف جکراڻي غني درس تي فائر ڪيا، پر هو ڪافي پري هو. اتفاق سان پرنسپال ڊاڪٽر عباسي بہ ان وقت ڪاليج اچي رهيو هو، جنهن غني درس کي ڪار ۾ ويهاري، ڪار کي ڊوڙائي پاڻ کي به ۽ غني درس کي بہ بچايو، ڇاڪاڻ جو ان دوران يوسف جکراڻي ڪار تي به فائر ڪري رهيو هو ٖ ان کانپوءِ يوسف جکراڻي، سر سيد هاسٽل ۾ غازي بروهي جي ڪمري تي آيو، پر غازي بروهي ان وقت هاسٽل ۾ نه هو. احمد خان جمالي انهن ڏينهن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريش جو مرڪزي صدر ۽ نظير عباسي جنرل سيڪريٽري هو ٖ احمد خان جمالي سر سيد هاسٽل ۾ رهندو هو ٖ سندس يوسف جکراڻي سان سٺي دعا سلام هئي ته پير منور وارن سان به سندس سٺا تعلقات هئا. احمد خان جمالي يوسف جکراڻي کي هٿ ٻڌي چيو ته ”يوسفت اوهان کي سنڌ جو قسم آهي ايئن نه ڪيو ۽ پاڻ ۾ نه وڙهو“. پر جيئن ته يوسف جکراڻي ان وقت سخت ڪاوڙ ۾ هو ان ڪري هن احمد خان جمالي جي هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ پنهنجن مخالفن لا۽ گٿا لفظ ڳالهائيندو هاسٽل مان هليو ويو. تاءَ واري ان ماحول ۾ ٻئي گروپ ٽولو ٺاهي هلندا هئا. ڪوشش اها هئي ته هڪٻئي جي سامهون نه اچن ۽ ايئن ڪافي ڏينهن بلڪه مهينا گذري ويا.پير منور، عيسيٰ جمالي ۽ سائين بخش لغاري وارا انجنيئرنگ ڪاليج مان پاس ڪري وڃي نوڪرين سان لڳا ۽ يوسف جکراڻي پڻ يونيورسٽي مان آخري سال جي امتحان مان فارغ ٿيو ته هڪ رات يوسف جکراڻي، اسرار سرڪي، شاهنواز شاهہ ۽ سندس ساٿين رات جو انٽرنيشنل هاسٽل جي ان ڪمري ۾ وڃي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ سندن مخالف گروپ سان واسطو رکندڙ علي مردان شاهه، جان احمدکُهرو ۽ عبدالمجيد جمالي ۽ سندس ٻيا ڪجهه دوست ويٺل هئا. فائرنگ جي نتيجي ۾ علي مردان شاهه ۽ جان احمد کُهرو ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته عبدالمجيد جمالي سخت زخمي ٿيو، جنهن کي پيٽ ۾ گولي لڳي هئي.رات جو وقت هو ۽ ڪافي رات گذري چڪي هئي، علي نواز ڪلهوڙو ان وقت انٽرنيشنل هاسٽل جو ”پرو ووسٽ“ هو.پير مظهرالحق ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن جو انچارج ۽ وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو پي آر او هو. زخمي کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو اسپتال پهچايو ويو ان واقعي سان سڄي يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو جو مجموعي ماحول ”اُداس“ ٿي ويو علي مردان شاهہ نوان جتوئي جو رهواسي هو، خوبصورت، جذباتي ۽ عجيب نوجوان هو. شاعر به هو، سندس تخلص رقصم هو. علي مردان شاهه جو والد جڏهن ڄامشوري سندس لاش کڻڻ لاءِ آيو ته ڏاڍو ڏکارو هو وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڏوراپا ڏنائين ۽ چيائين ته ”منهنجو پُٽ شهيد آهي“. علي مردان شاهه جو والد بيشڪ بهادر ۽ هڪ سٺو ”پيءُ“ هو. علي مردان شاهه کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو جان احمد کُهرو، دادو جو رهواسي هو، ماءُ پيءُ جو اڪيلو پُٽ هو، غريب خاندان سان سندس واسطو هو. غربت به ايتري جو ڪاليج ۽ هاسٽل جا خرچ به نه ڀري سگهندو هو. جيئن ته علي مردان شاهه به تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي هئي، ان ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ سُٺي دوستي هئي. هن افسوسناڪ واقعي سان سنڌ جي شاگرد تحريڪ کي ”ڪاپاري “ ڌڪ لڳو ٖ ڏاڏي آدم واري قصي ۾ جيئن هابيل قابيل وارو معاملو انساني تاريخ جو پهريون قتل قرار ڏنو ويو تيئن سنڌ جي درسگاهن ۾ قتل جي حوالي سان هي پهريان قتل هئا - منهنجي يوسف جکراڻي سان ملاقات 14 آگسٽ 1983ع تي لوڪس پارڪ سکر ۾ ٿي جتي ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان مولانا محمد شاه امروٽي ٖ مير هزار خان بجاراڻي ٖ يوسف جکراڻي سميت ڪافي دوستن گرفتاري ڏني ٖ مان بہ ساڻس گرفتار ٿي سينٽرل جيل سکر پهتس ٖ پر جلد لاڙڪاڻي جيل منتقل ٿيس ٖ بعد ۾ هو نجي ڪچهرين ۾ سنڌ يونيورسٽي واقعي جي حوالي سان پڇتاء جو اظھار ڪندو هو ٖ 1992ع ۾ کيس خفيہ ادارا کنڀي کڻي ويا ۽ 22 جون 1992ع تي انهن جي تحويل ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين
نوٽ : پڙھندڙ دوستن کي گذارش آھي تہ بيان ڪيل هن واقعي بابت اڃا ڪا معلومات هجي تہ ڪمينٽ ۾ شيئر ڪري سگهن ٿا

No comments:

Post a Comment