Monday, June 26, 2017

(اڄوڪي سنڌ ايڪسپريس ۾ چپيل مضمون .اسپيس نہ هجڻ ڪري سڄو مضمون نہ ڇپجي سگهيو .هتي مڪمل متن سان رکجي ٿو.) گوڙاڻو ڊيم: سُٽ ڪٿي منجهيل آهي نصير ڪنڀر

(اڄوڪي سنڌ ايڪسپريس ۾ چپيل مضمون .اسپيس نہ هجڻ ڪري سڄو مضمون نہ ڇپجي سگهيو .هتي مڪمل متن سان رکجي ٿو.)
گوڙاڻو ڊيم: سُٽ ڪٿي منجهيل آهي
نصير ڪنڀر
جيتوڻيڪ “گوڙاڻو ڊيم” اشو تي ٿيندڙ هي پرامن احتجاج ٿر جي تاريخ جو ڊگهي ۾ ڊگهو احتجاج آهي. هي سٽون لکڻ تائين گوڙاڻو ۽ انهي جي آسپاس جي ڊيم متاثرين جو احتجاج 8 مهينن جو ڪٺن سفر طئه ڪري چڪو آهي. انهي ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ عارب لوهار ٽنڊو بهاول ڪيس ۽ منو ڀيل جي ڊگهن احتجاجن واري لسٽ ۾ جيڪر هن احتجاج کي شامل ڪجي ته ڪري سگهجي ٿو. ايترا ڏينهن مسلسل ويٺل ڳوٺاڻا سخت سردين ۽ هاڻي گرمين ۾ ڪئين پنهنجي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن اهو ڏسڻ لاءِ ڪنهن وڏي فلسفي کي پڙهڻ جي ضرورت نه آهي. صرف ڪجهه ڪلاڪ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب وڃي پٽ تي پيل انهن ڳوٺاڻن جي روئيداد سڻڻ يا پويان ڳوٺن ۾ وڃي انهن گهرڀاتين کان احوال وٺڻو آهي ته سموري ماجرا ڪتاب وانگي کلي اڳيان اچي ويندي.
ٿر مان ملندڙ ڪوئلو جا ذخيرا، انهي تي ايندڙ ڪارپوريٽ ادارا، انهن جا ڏسيل سونهري خواب ۽ ٻي پاسي ٿيندڙ سماجي اٿل پٿل تي جيڪر هتي ڳالهين جو سلسلو شروع ڪنداسين ته داستان ڊگهو ٿي ويندو. پاڻ هينئر صرف “گوڙاڻو ڊيم” تي ڳالهه ڪنداسين جيڪو سموري ڪول رٿا جي نڙي ۾ اهڙو ڪنڊو ٿي پيو آهي، جيڪو نڪرڻ به مشڪل آهي ۽ ڳهڻ به مشڪل ٿي پيو آهي. انهي ڪري هي معاملو جيڪر حڪومت سنڌ ۽ ڪمپني بهتر اسلوب سان حل ڪري وڃي ٿي تڏهن به يا جيڪر ڳوٺاڻا به پنهنجو ڪيس بهتر نموني رکي ڪاميابي حاصل ڪن ٿا تڏهن به ۽ جيڪر ٿر جا نمائندا، سياستدان سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پنهنجو مثبت رول ادا ڪندي هن سموري اشو کي ڪنهن نهج تي پهچائي سگهن ٿا ته پوءِ گوڙاڻو ڊيم جا ملندڙ نتيجا سموري ڪول رٿا جي قائدن ۽ ضابطن جو بنيادي فارمولو جڙي ويندا. پوءِ اُهي نتيجا مثبت رخُ ۾ هجن يا منفي رخ ۾ هجن.
توڻي جو گوڙاڻو ڊيم سموري ڪوئلي واري ايراضي کان 27 ڪلوميٽر پري آهي. پر ڪوئلي جي کوٽائي ۽ انهي جي استعمال طرف وڌندڙ ڪارڪردگي تي اٿندڙ هي پهريون اعتراض آهي انهي ڪري صباڻي ڪوئلي جي باقي بلاڪن تي جڏهن به ڪنهن ڪمپني ڪم ڪيو ته اتي ڪمپني ۽ مقامي ماڻهن وچ جيڪي قائدا ۽ ضابطه جڙندا انهن جو بنيادي حوالو گوڙاڻو ڊيم هوندو. انهي ڪري ڪنهن به ڌر کي عجلت ۽ جذباتيت کان پاسو ڪندي هن اشو کي ڌيرج ۽ سوچ ويچار بعد ئي ڪو جوڳو حل لهڻ لاءِ سوچڻ گهرجي.
ٿر ڪول رٿا ۾ بلاڪ 02 تي جڏهن SECMC سنڌ حڪومت جي سهڪار سان کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ته انهي ۾ بلاڪ 02 تي بجلي، روڊ پاڻي پهچائڻ ۽ رٿا ۾ کوٽائي دوران ايندڙ پاڻي کي ڪنهن مناسب هنڌ تي پهچائڻ جو ذمو سنڌ حڪومت جو هيو، ڇو ته انهي رٿا ۾ وڌ ۾ وڌ حصو سنڌ حڪومت جو آهي. باقي ڪوئلي کي کاڻين مان ڪڍڻ ۽ انهي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم SECMC ۽ چائنيز ڪمپني جو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي پاران پاڻي رٿا ۽ روڊن جي تعمير جو ڪم شروع ڪري ڏنو. انهي دوران سنڌ حڪومت کاري پاڻي کي ڪنهن هنڌ ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪم ٿر ۾ آر او پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپني پاڪ اوسيئس کي ڏنو ۽ ظاهر اهو ڪيو ويو ته هي پاڻي رڻ آف ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. پر جئين ڪم پنهنجي تڪميل جي مرحلي ڏانهن وڌيو ته اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته رڻ آف ڪڇ ۾ جتي پاڻي ڇوڙ ڪيو ٿي ويو، اهو هنڌ رامسر معاهدي ۾ اچي ٿو. انهي ڪري هاڻي پاڻي رڻ آف ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بجاءِ رڻ جي ڀر ۾ ڳوٺ ڌڪڙڇو وٽ ڇوڙ ڪيو ويندو. جيئن ته سنڌ حڪومت SECMC ۽ چائنيز ڪمپني ۾ اهو معاهدو ٿيل آهي ته 2019 ۾ ٿر جي ڪوئلي تي بجلي ٺاهي ڏينداسين. جيڪر مقرر وقت ۾ بجلي تيار نه ٿي ته ڪمپني چائنيز بئنڪن سميت قرض ڏيندڙ مختلف ادارن وٽ ڊفالٽر ٿي ويندي. ٻي پاسي پاڪ اوسيئيس جي ڪارڪردگي مان لڳو ٿي ته اهو پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ واري پروجيڪٽ جو ويجهڙ ۾ ممڪل ٿيڻ جو ڪو به آسرو نه هيو. انهي ڪري SECMC ڪمپني پاڻ سڌو مداخلت ڪندي هي ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اوچتو ڌڪڙڇو بجاءِ گوڙاڻو جو هنڌ پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ مناسب سمجهي رات پيٽ ۾ ڳوٺاڻن جي پوکيل فصلن تي وڃي مشينري لاٿي ويئي.
ظاهر آهي اهڙين حالتن ۾ ڳوٺاڻا مقامي نمائندن، آفيسن جا در کڙڪائيندا رهيا ۽ ڪمپني اڳيان واويلا به ڪندا رهيا. پر ٻي پاسي ڪمپني پنهنجو ڪم جاري رکندي، اهو ئي ورد ڪندي رهي ته مذڪوره جاءِ اڳ ئي چونڊ ٿيل آهي. زمين جي سروي به ٿيل آهي ۽ انهي تي ٻڌڻيون به ٿي چڪيون آهن. جڏهن اهي سموريون ڳالهيون ميڊيا ۽ مختلف فورمن تي آيون ته حقيقتون ٻن ڌار رخن ۾ سفر ڪرڻ لڳيون. ڳوٺاڻن هلندڙ ڪم کي روڪرائڻ لاءِ پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالون شروع ڪيون. ٻي پاسي ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن انهي انياءُ خلاف مختلف فورمن تي آواز اٿارڻ شروع ڪيو. انهي حوالي سان ڪيتريون ميٽنگون به ٿيون پر سنڌ حڪومت يا ڪمپني انهي حوالي سان ڪو به ڊاڪيومينٽ پيش نه ڪري سگهي، جنهن ۾ موجوده هنڌ جو ذڪر هجي. انهي هلندڙ جدوجهد دوران ڪمپني گوڙاڻو ڊيم جي تعمير جو ڪم جاري رکيو. جڏهن ڳوٺاڻن ڏٺو ته هنڌ تبديل ٿيڻ بجاءِ ماڳهين ڊيم جو ڪم زور شور سان جاري آهي ته اُهي ٻي ڪا واهه نه ڏسي عدالت جو در کڙڪائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ هليا ويا جتي معاملو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. هاڻي انهي سموري اٺ مهينن جي سفر دوران جن بنيادي سوالن يا اعتراض جنم ورتو آهي. اهي هڪڙي پاسي مختلف خدشن کي جنم ڏيندا رهيا ۽ ٻي پاسي سنڌ حڪومت ۽ ڪمپني جي هٺ ڌرمي کي ظاهر ڪندا رهيا. سڀ کان بنيادي سوال آهي ته جڏهن پاڻي کي رڻ آف ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي ته ڇا سنڌ حڪومت جي ڪنهن به نمائندي کي اها خبر نه هئي ته مذڪوره ڇوڙ وارو هنڌ رامسر معاهدي ۾ اچي ٿو. اها ڳالهه هڪڙي پاسي حڪومتي اهليت کي ظاهر ڪيو ته ٻي پاسي انهي منجهيل ڳالهين ڪيترن خدشن کي به جنم ڏنو. پوءِ ڌڪڙڇو ۽ انهي مان اوچتو گوڙاڻو ڇو ڪيو ويو؟ جيڪر گوڙاڻو ئي هنڌ مقرر ٿيل هيو ته انهن ڳوٺاڻن کي بغير ڪنهن اطلاع، بغير ڪنهن سروي، بغير ڪنهن عوامي ٻڌڻي جي ڪم شروع ڪيو ويو. اها ته اُها ئي ساڳي ڪار ٿي جيڪا راول ڊيم جي متاثرين، چوٽياريون ڊيم جي متاثرين ۽ ايل بي او ڊي جي متاثرين سان ڪئي ويئي.
جڏهن هڪ عام ڳوٺاڻي جا اجها، ٻنيون ٻارا، تڙ تيرٿ، گئوچر، اچ وڃ جا لنگهه سڀ بند ٿي وين ته انهي کي ڪنهن دانهن ڪوڪ ڪرڻ جو به حق نه آهي. بجاءِ انهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ جي انهن کي عجيب لقب ۽ القاب ڏيئي عجيب قسم جا اعتراض ڪيا ويا ۽ جنهن به انهن ڳوٺاڻن جي سڏ ۾ لبيڪ ٿي چيو ته انهي کي به انهي لسٽ ۾ شامل ٿي ڪيو ويو ته اهي ترقي جا دشمن آهن. 1988ع ۾ ڪوئلي جي ملڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪهڙي ٿريئي ڪوئلي جي نڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي ٿريئي ڪالهه به اها ڳالهه ٿي ڪئي ته ڪوئلي جي ڪري انهي کي به ڪجهه سک ملڻ گهرجي. نه ڪه انهن کي رات وچ ۾ اجها اُکيڙي بي گهر ڪيو وڃي.
دنيا ۾ اهو ئي قانون آهي ته رياست عوام جي محافظ هوندي آهي. عوام کي بنيادي حق ڏيڻ ۽ تحفظ جي ضامن رياست هوندي آهي. تنهنڪري هت ٿيڻ ائين گهرجي ها ته گوڙاڻو ڊيم پروجيڪٽ سنڌ جو آهي اها ئي هن کي فيس ڪري ها. پر هتي ڪمپني حڪومت تي ۽ حڪومت ڪمپني تي ذميواري جو الزام هڻندي رهي، ٻي پاسي ڪم هلندو رهيو. دنيا جهان ۾ ڪٿي به ائين نه ٿيندو آهي جو جنهن معاملي تي تڪرار هجي ۽ معاملو ڪورٽ ۾ هجي ۽ ٻي پاسي انهي تي ڪم هلندڙ هجي پر هتي اردو چواڻي "چور پکڑے کوٹوال کو" واري ڪار آهي.
هن 08 مهينن جي جدوجهد ۾ ڳوٺاڻا، مقامي ميڊيا، سول سوسائٽي، حڪومت سنڌ ۽ SECMC آمهون سامهون رهيا آهن. جيڪر انهن تي نظر وجهجي ته هن سموري جدوجهد ۾ جنهن ڌر وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي اُهي ڳوٺاڻا آهن. جيڪر ڳوٺاڻا اهي سرديون، گرميون سهي پنهنجا اجها ڇڏي ٻارن ٻچن سان هيئين پرامن احتجاج نه ڪن ها، ته هوند هي جدوجهد ڪڏهوڪو ختم ٿي وڃي ها. تنهنڪري هن ڊگهي جدوجهد جي ڪاميابي جو سهرو انهن ڳوٺاڻن ڏانهن وڃي ٿو. جيڪي اڄ به ثابت قدم آهن. ضرور ايندڙ وقت ۾ انهن جي هن جدوجهد جو صلو ملڻو آهي.
ٻي ڌر جنهن هن جدوجهد ۾ پنهنجو واضع، چٽو ۽ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو مقامي ميڊيا آهي اسلام ڪوٽ جي ميڊيا جي دوستن هن اشو کي تمام بهترين نموني ڪور ڪيو ۽ پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ ڳوٺاڻن جو موقف پيش ڪيو. انهي سان گڏ مٺي، حيدرآباد، ڪراچي ۾ ٿيندڙ احتجاجن کي به صحافي برادري بهترين ڪوريج ڏني. تنهنڪري هي اشو اردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ هاءِ لائيٽ ٿيو. توڻي جو ڪمپني وڏي اگهه تي سنڌ جا وڏا نالا ميدان ۾ لاٿا. حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ميڊيا کي وزٽ ڪرايا ويا. پر شاباش آهي انهي اخبارن جي ايڊيٽرن کي جن مقامي صحافين کي اشو جي بهترين ڪوريج تي همٿ افزائي ڪئي ۽ هي اشو ميڊيا ۾ پنهنجي جوڳي جاءِ والاري سگهيو.
هن سموري اشو تي ٿر جي سول سوسائٽي بهتر ڪردار ادا ڪيو. ٿر سجاڳ سٿ، ٿر وائيس فورم سميت ڪيترا اهڙا فورم آهن، جن جي دوستن هن اشو کي هاءِ لائيٽ ڪيو ۽ ڪمپني توڙي حڪومتي ڪارندن کي ثبوتن سان بي وس ڪيو، ته گوڙاڻو ڊيم جو موجوده هنڌ اڳ ڪٿي ڪنهن به ڊاڪيومينٽ ۾ ڄاڻايل ئي ڪونهي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته هيستائين ڪوئلي تي، ٿر ڪول ايڪشن ڪاميٽي، ٿر ڪول ايڪشن فورم، ٿري وسيلا بچايو فورم، ٿر ڪول ايڪشن بورڊ، ٿر وائيس فورم، ماروئڙا ڪوآرڊينيشن ڪائونسل، ميگهه ادبي فورم، ٿر سجاڳ سٿ، ٿر ڪور ايڪشن نيٽ ورڪ اُهي مختلف فورم آهن جيڪي ڪوئلي تي ڪم ڪندا رهيا آهن. انهن جو هڪ گڏيل ڪنسوريشم جڙي ها جيڪو انهي اشو کي اڳتي فيس ڪري ها. پر هاڻي به دير نه آهي ٿي. هن هلندڙ سموري جدوجهد ۾ تمام ڪمزور ڪردار سياسي قيادت جو رهيو آهي. حڪومتي ڌر جا ايترا نمائندا هوندي به انهي اشو جو سياسي بنيادن تي حل نه جڙي سگهيو آهي. حڪومتي نمائندن هڪ ڀيرو احتجاجين وٽ وڃڻ کانپوءِ سار ئي ڪو نه لڌي. وزيراعليٰ، آصف زرداري صاحب ۽ عدالتي ڪميشن صرف ڪمني جي بريفنگ تي انحصار ڪرڻ کانسواءِ ڳوٺاڻن وٽ وڃي حقيقتون ڄاڻڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي. باقي ضلع ڪائونسل جي ڪاميٽي ڪهڙي رپورٽ ٿي ڏئي اهو ڏسڻو آهي.
گوڙاڻو ڊيم جي اشو اٿڻ بعد ظاهري طور سامهون SECMC آهي. ڇو ته توڻي جو اهو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي پر انهي کي هاڻي ڪمپني سنڀالي رهي آهي. ڪمپني جي سي اي او هڪ ڀيرو ڪئمپ تي وڃي اهو چيو ته توهان احتجاج ختم ڪيو ۽ توهان سان انصاف ٿيندو ۽ ٻي ڀيري گاڏي مان لهڻ جي تڪليف گوارا نه ڪندي چيو ته اچو ته ڳالهيون ڪريون ۽ عام فورمن تي به چوندو رهيو آهي ته اسين ڳالهيون ڳوٺاڻن سان ڪنداسين. باقي ماڻهن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو ٿو وڃي اهو هتي بيان نٿا ڪريون پر اها به ڳالهه ٿيندي رهي آهي ته ڳوٺاڻا ڪورٽ ۾ وڃي چڪا آهن هاڻي ڪورٽ فيصلو ڪندي. هڪڙي پاسي ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار، ٻي پاسي ڳالهين ڪرڻ جو ارادو. پوءِ آخر سئي ڪٿي اٽڪيل آهي جو اهي ڳالهيون نه ٿيون ٿين. انهي جو وڏي ۾ وڏو سبب صرف زباني ڳالهيون آهن. صرف زباني ڪلامي ڳالهين تي ۽ شخصي ضمانتن تي جيڪر دنيا هلي ها ته پرويز مشرف جي ضمانت تي ڪالاباغ ڊيم ٺهي وڃي ها.
اڄ ڏينهن تائين انهي سموري ڪٿا جو سٽ اتي منجهيل آهي ته ڳوٺاڻا هنڌ تبديل ٿيڻ تي بضد آهن ۽ حڪومت توڙي ڪمپني اڄ ڏينهن تائين ڳوٺاڻن کي ڪنهن به قسم جي ضمانت نه ڏيئي سگهي آهي. ڪڏهن ڪٿي به ڪنهن قسم جو ڊاڪيومينٽ پيش نه ڪيو آهي. ايترو وقت گذارڻ بعد جيڪر گوڙاڻي جو هنڌ تبديل نه ٿو ٿي سگهي ته پهرين اوليت ۾ سنڌ حڪومت جو اهو فرض ٿو ٿئي ته هو انهي ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ ڳوٺاڻن جي ٻينن جا معاوضا انهن جي ٻيهر آبادڪاري جي لاءِ ڪا واضع دستاويز کڻي ڳوٺاڻڻ سان معاهدو ڪري ضمانت ڏئي سگهي ٿي ۽ جيڪر بقول ڪمپني ۽ حڪومت جي ته انهي گوڙاڻو جي ڪري آسپاس جي ڳوٺن جو ڪو به نقصان نه ٿيندو ته به حڪومت انهن کي اهو لکت ۾ ڏئي ته 10 سالن کانپوءِ به نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ ازالو ڪيو ويندو.
باقي روڊن تي بيهي ۽ ميڊيا ۾ اهو ڳالهيون ڪيو وينديون ته ڳوٺاڻا پنهنجون گهرجون لکي ڏين. اسين ازالو ڪنداسين انهي لاءِ ته جنهن ڏينهن ڳوٺاڻن اهڙي ڳالهه ڪئي انهي ڏينهن الزام لڳندو ته انهن صرف هن بليڪ ميلنگ لاءِ احتجاج ٿي ڪيا. انهي ڪري حڪومت يا ڪمپني کي انهي حوالي سان اڳرائي ڪري مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي ٻي صورت ۾ عيد کانپوءِ هي تحريڪ هڪ نئين احتجاج سان اڀري رهي آهي ۽ انهي احتجاج کي جاري رکڻ لاءِ نئين سري سان جدوجهد ڪيستائين هلي ۽ ڪهڙي رخ وٺي اهو سڀ ڪجهه ايندڙ حالتن تي آهي.

No comments:

Post a Comment