Monday, June 26, 2017

اسڪولن ۾ اڻپورين سهولتن سان بينچن تي گرمي وارن ڏينهن ۾ ڇت سان رسين ۾ لٽڪيل “ جهليون “ ڇڪي پڙھيا سي ٖ اسان تہ پنهنجي استاد جنهن کي “ سائين “ چوندا هئا سي ان جي گهر جي ڀاڄي ڀتي ٖ سودو ٖ سائين جي مينهن جو مينهن جو گاه ٖ لوسڻ ٖ سائين طرفان پنهنجي زال لا۽ خريد ڪري ڏنل ميندي ٖ آورا ٖ جوئن واري ڦڻي ٖ ڪاٺيون بہ سندس گهر ڏئي ايندا هئا سي ٖ مون کي ياد آ هڪ دفعي سائين جي زال چيو ڇورا هيڏي اچ مون سان ڪپڙا ڌوئار ٖڊالڊا گهہ جي خالي وڏي ڪنستر ۾ کار صابڻ وجهي باه جي چلهہ تي چاڙھي پو۽ سونٽي داٻڙي تي ڪپڙا پئي ڌوئيندي هئي مان وري ڪپڙا رسي تي سڪائيندو ويندو هئس ٖ سائين جي گهرواري اسان کان مينهن جا لٿل ڇيڻا بہ ڀت تي ٿفرائيندي هئي اسان استاد سان گڏ ويهڻ تہ ڇا پر سائين کي شام جو شھر ۾ ڪنهن روڊ رستي تي بہ ڏٺو سين تہ دڳ ڇڏي ڀڄي ويندا هئا سي متان سائين ڏسي وٺي ۽ اسڪول ۾ پڇا ٿئي تہ ڪاڏي پيو رلين ٖ ابي امڙ جو ايترو ڊپ نہ هو جيترو استاد جي ڊپ سان گڏ عزت احترام هو ٖ اسان ليپ ٽاپ ٖ ڪمپيوٽر ٖ ٽيبليٽ ٖ موبائل انٽر نيٽ ھاڻي اچي ڏٺو آ پر ان سليٽ ۽ ميٽ لڳل پٽي واري پڙھائي جا ايترا گهرا اثر زندگي تي نقش ٿيا جو ريتن ٖ رسمن ٖ عزت ٖ احترام ٖ روا داري اڃا پئي هلي ٖ ڪس ڪسر ٖ سهپ ٖ برداشت اڃا بچيل آھي پر مون محسوس ڪيو آھي تہ جيتري تعليم جديد ٿيندي پئي وڃي اوترا انساني ويليوز گهٽبا پيا وڃن ٖ انساني زندگي مشيني انداز اختيار ڪندي پئي وڃي ڪنهن کي ڪنهن لا۽ ٽائيم ڪونهي اسان پنهنجي هم عصر ڇوڪرين سان رات دير تائين گهٽي ۾ رسي پيا ٽپندا هئا سي اک ٻوٽ کيڏياسين پر مجال آ جو سندن والدين پاران ڪو اعتراض ٿيو هجي ٖ اڄ اسين پنهنجن ننڍن ٻارن کي گهرن مان ٻاهر نہ ٿا موڪلي سگهون ٖ مان پنهنجي ٻارن کي ڇا ٻڌايان تہ اهو پٽي ۽ سليٽ تي پڙھڻ جو اثر هو جو اخلاقي قدرون اڃا زنده جاويد آھن ٖ خير انسان جدت ۽ ارتقا طرف پيو وڃي ۽ انساني ارتقا کي روڪي ئي نہ ٿو سگهجي اسان چيلهہ کي هٿ ڏئي ان ارتقا کي ڏسندي قبول ڪري ورتو آھي ۽ قبول ڪرڻو بہ پوندو ٖ

یہ دولت بھی لے لو یہ شہرت بھی لے لو,
بھلے چھین لو مجھ سے میری جوانی,
مگر مجھ کو لوٹا دو بچپن کا ساون,
وہ کاغذ کی کشتی وہ بارش کا پانی......

No comments:

Post a Comment