Monday, June 26, 2017

حسن درس جي ياد ۾ آھہ حسن درس ! ذوالفقار قادري




حسن درس جي ياد ۾
آھہ حسن درس !
ذوالفقار قادري
مون هن جي شاعري تہ ٻڌي هئي پر مليا نہ هئا سين ٖ مان قمبر مان تازو ئي حيدرآباد لڏي آيو هئس ٖ هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڳوٺائي ۽ پاڙيسري جامي چانڊئي سان ڪچهري پئي ڪئي تہ هڪ همراه جامي سان ملڻ آيو ٖ ۽ اسان جي ڪچهري ۾ ويهي رهيو ٖ جامي ان همراه کي مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو هن کي سڃاڻين ٿو ٖ چيائين نہ ٖ ان تي جامي چيس هي ذوالفقار قادري آ ٖ ايئن ئي جامي مون کي چيو هي حسن درس آ ٖ چيائين ڪاوش ۾ تنهنجا آرٽيڪل پڙھندو هئس ملڻ جو تجسس هو سو اڄ جامي اهو پورو ڪيو مون بہ کيس اهو چيو تہ تنهنجي شاعري سبب توسان غائبانہ تعارف تہ ٿيل هئو پر اڄ ملي خوشي ٿي ٖ بس پو۽ حسن سان قرب ٖ محبت ٖ عزت ۽ احترام جو هڪ تعلق جڙي ويو ٖ شيخ اياز هن لا۽ چيو هو تہ حسن درس نوجوانن جو شاهڪار شاعر آھي ٖ اسان جيڪا دونهين دکائي آ ٖحسن ان دونهين جو شعلو آٖ حسن حساس دلين جي شاعري ڪئي ٖ فطرت جي حسن جي تمام رنگن کي هن پنهنجي لفظن ۾ قلم بند ڪيو 
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو
حسن درس انسان جي تمام احساسن کي شاعري جو روپ ڏئي پيش ڪيو ٖ حسن تي ڪروڌ ڪندڙن مٿس فحاشي ۽ عريانيت جا الزام بہ مڙھيا پر حسن ڪڏھن بہ انهن الزامن تي ڌيان نہ ڌريو ٖ هو لفظن سان کيڏڻ جو ماهر هو ٖ هن شاعري کي نوان رنگ ۽ لاڙا ڏنا ٖ
زندگي ڀلي اهڙي،
ٽُڪ جي رلي جهڙي،
مان وڇايان، تون نه ويهين،
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.
بينظير ڀٽو صاحبہ جڏھن شھيد ڪئي وئي تہ مون حيدرآباد ۾ بينظير کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ادبي ريفرنس ۽ سيمينار جي رڳو ڳالهہ ڪئي ٖ حسن ويٺي ويٺي بينظير کي ڀيٽا واسطي لاجواب ۽ مشھور وائي جوڙي ورتي ٖ 
“ ادي آجيان ڪهڙي ٖ وئي جا موڪلاڻي ٿي “
مٿان وري مظھر علي ۽ ذوالفقار علي چيو اها وائي اسان ميوزڪ جي رڌم ۾ ڳائينداسين پر ٻڌايو تہ اها ڀٽائي جي ڪهڙي سر جي طرز ۾ پيش ڪجي ٖ مان ڪو شاعر نہ آھيان پر مون ايئن چئي ڇڏيو تہ حسن جي انهي شاعري کي سر راڻي ۾ ڳائجي تہ ڪيئن لڳندو ٖ مون تہ ايئن چئي ڇڏيو سڀني چيو واه واه زبردست آئڊيا آھي ٖ پو۽ حسن هڪ جنوني ماڻھو جيان مظھر علي ۽ ذوالفقار علي سان سر راڻي جي ڌن کي ڪمپوز ڪرائڻ ۾ لڳي ويو حسن جي شاعري ۽ مظھر - ذوالفقار جي آواز ۾ جڏھن اها وائي سر راڻي ۾ پيش ڪئي وئي تہ هال ۾ ويٺن ماڻھن کي ڄڻ واسينگ سنگهي ويو ماڻھن ۾ خاموشي ڇانئجي وئي ٖ 15 جون اهو اڀاڳو ڏينهن آھي جو اها خبر ئي نہ هئي فطرت جي حسناڪين کي پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪندڙ هن يگاني شاعر سان ملاقات جو هي آخري ڏينهن ثابت ٿيندو حسنٖ 15 جون گذاري 16 جون ۾ داخل ٿي چڪو هو باک نہ نڪتي هئي فجر کان پهرين حسن جي لاڏاڻي جي خبر ساه سڪائي ڇڏيو ٖ حسن وڇڙيو آھين وسريو ناهين -


No comments:

Post a Comment