Sunday, June 25, 2017

امداد سولنگي غزل عرش تنھنجو آھي جوڀن نيڻ تنھنجا ڄڻ ستارا


امداد سولنگي
غزل
عرش تنھنجو آھي جوڀن نيڻ تنھنجا ڄڻ ستارا
تون پرين جي آن ڪھاڻي يان ته آھين کير ڌارا
سانوڻي جو مينھن آھين تل ترايون تار ڪر سڀ
اچ بڊي کي اڄ ڀڄايون ٻوڙي جسمن جا ڪنارا
عيد جا ھي ڏڻ ڪھڙا ڏک جو ٿيا ڏيک ماڻھون
ھر طرف آ خاموشي ۽ وقت جا ھن ويس ڪارا
وقت اورنگزيب جي آ دور کي ريٽي ڇڏيو
چنڊ جان چمڪي رھيو آ نانء تنھنجو اڄ به دارا
سپ جھڙي پيار کي آ بوند جھڙي آرزو ڪا
اڃ نيڻن ۾ رکي ويا بادلن جا رنگ سارا

No comments:

Post a Comment