Monday, June 26, 2017

مڊل ڪلاس جي مفاد پرستاڻي نفسيات

گنپت را۽
مڊل ڪلاس جي مفاد پرستاڻي نفسيات
________________
ڪافي سال اڳ سنڌ ايڪسپريس ۾ هڪ مضمون لکيم جنهن جو عنوان هو ”سماجي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل دلت مڊل ڪلاس“.
ڊاڪٽر بابا صاحب ڀيم رائو امبيڊڪر مڊل ڪلاس کي واهيات، بيڪار ۽ عوام دشمن طبقو سڏيو آهي.
مڊل ڪلاس بابت ڪارل مارڪس واضع انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته اهو پيٽي بورجوا ڪلاس سماج کي پوئتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جيڪو ناممڪن آهي.
ڏٺو وڃي ته مڊل ڪلاس قومپرستن جو آئيڊل ڪلاس آهي ۽ ساڃهه کان محروم اسان جا دانشور (جيڪي پاڻ به مڊل ڪلاس مان آهن) اهي تبديلي ۽ انقلاب جو سرچشمو مڊل ڪلاس کي قرار ڏيندا آهن پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. مڊل ڪلاس اصل ۾ ظالم ۽ مظلوم طبقن جي وچ ۾ لٽڪيل هڪ طبقو آهي. ان طبقي جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته هو ڪيئن به ڪري (اخلاقيات، نظريي، اصولن سميت هر قسم جي سوديبازي ) مٿئين طبقن ۾ شامل ٿئي پر وقت ۽ حالتون کيس هميشه پوئتي ڌوڪينديون رهنديون آهن. هيٺئين طبقن سان سندس زباني همدردي هوندي آهي ۽ اهو طبقو هميشه پنهنجي مفادن کي مدنظر رکي ڪنهن تحريڪ جو ساٿاري بڻبو آهي ۽ انهي تحريڪ کي ڪيش ڪرائڻ جا جتن ڪندو رهندو آهي.
مڊل ڪلاس هميشه حڪمران طبقن جي دلالي ڪئي آهي. مڊل ڪلاس طبقو سماج ۾ پنهنجي طور ڪا به اهميت نٿو رکي. مزدورن ۽ هارين جيان هو سماج جو ڪارونهوار مڊل ڪلاس جي هٿ وس ناهي ۽ نه وري حڪمران طبقن جيان هومقتدر طبقو آهي. هميشه ڀٽڪندڙ ۽ ٻن انتهائين جي وچ ۾ ٽنگيل رهيو آهي. مڊل ڪلاس جي مفادپرستي ئي سماج جو وڏو الميو رهيو آهي.
دقيانوس طبقو هئڻ ناتي ان طبقي هميشه مذهبي انتهاپسندي کي ٻارڻ مهيا ڪيو آهي. آر ايس ايس کان وٺي ملايت جو اصل ڪيڊر اهو ئي مڊل ڪلاس آهي.
ڪجهه انفرادي مڊل ڪلاس جي ڪردارن کي ڇڏي باقي مڊل ڪلاس نفسيات هميشه گهٽيا درجي جي مفادپرستاڻي ڪردار جي حامل رهي آهي.
حقيقي عوامي ۽ طبقاتي تحريڪون تڏهن ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿيون جڏهن انهن جي صفن مان مڊل ڪلاس جي دلالن کي ٻاهر ڪڍي حقيقي پورهيت طبقن کي شامل ڪيو وڃي. اڄ تائين اهو رجحان ڪنهن به کاٻي ڌر جي تنظيم ۾ ناهي.
دلت تنظيمن جو ئي مثال وٺون ته دلت جدوجهد جي ناڪامي جي ذميوار به اها دلت مڊل ڪلاسي قيادت آهي.
دلت مڊل ڪلاس ته انتهائي دلال ۽ خودغرض طبقو آهي. انهن وٽ ضمير، حيا شرم، نظريو، اصول، اخلاقيات نالي ڪا به شي موجود ناهي ۽ اهو ئي طبقو دلتن جي اهنجن جو ذميوار آهي. ڪلهه جيڪي سول سوسائٽي جي دلت پليٽ فارم تان دلتن جو پٽڻو پٽي رهيا هئا اهي اڄ هندو ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ تي هنڀوڇيون هڻڻ ۾ پورا آهن. دلت ۽ هندو تضاد يڪدم ڄڻ حل ٿي ويو آهي. آخر غريب دلت انهن مفادپرستن سان گڏ ڪيئن ته هلن!
مڊل ڪلاسي ماڻهن هميشه پنهنجي پاڻ کي وڪرو ڪرڻ ئي سکيو آهي. هندو ڪائونسل جا حرامخور رڳو ڪوڪار ڪن ته مڊل ڪلاسي دلت ڪتن وانگر چٺ تي مڙي مانارو ٿيندا.
دلتن جي خلاف شروع کان جيڪا سوشل ميڊيا تي ڀنڊي ٻاري وئي ۽ ٺپن وارو راڳ آلاپيو ويو اهو ڪنهن سارسوت يا پشڪرڻه برهمڻ نه پر دلت مڊل ڪلاس جي دلالن صرف هڪ ٽوڊي ڪار ۽ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي قيمت تي اهو ڪردار ادا ڪيو.
هنن اهو نه ڄاتو ته ايئن ڪرڻ سان اسان دلتن جو هميشه کان وٺي روحاني، سماجي، معاشي توڻي سياسي استحصال ڪندڙ ڦورو هندو جاتي وارن کي فائدو ملي رهيو آهي. دلتن جي آواز کي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حوالي سان دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هنن دلالي جو ڪردار ادا ڪيو.
هميشه کان وٺي ظالم طبقن جي اها روايت رهي آهي ته انهن خلاف اڀرندڙ تحريڪن کي زائل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا ردانقلابي حربا اختيار ڪري بغاوت ڪندڙ محرڪن کي سيکيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ساڳئي طرح دلت طبقي پاران شيڊيولڊ ڪاسٽ مهم هلائڻ جي سزا به ممڪنه طور دلتن کي ڏئي رهيا آهن.
آر ايس ايس ۽ انڊيا جي رياستي قوتن جي پڻ پاليسي آهي ته سنڌ ۾ دلت جدوجهد کي هر صورت ۾ ڪائونٽر ڪيو وڃي. ان ڪري هنن هندو ڪائونسل ۽ پئنچائتن کي فعال ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجا ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ، دلت مخالف سيمينار ۽ پروپيگنڊا ڪرائڻ، هٿ ٺوڪيا انڊين آر ايس ايس جا پنٿ ڦهلائڻ، دلتن کي خريد ڪرڻ، هندتوا جي وڏي پئماني تي پرچار ۽ اشاعت ڪرڻ، پنهنجي ايجنٽن کي دلت برادرين جي تنظيمن ۾ شامل ڪرڻ، اين جي اوازم ذريعي دلت ڪاز کي غيرسياسي ڪرڻ وغيره وغيره انهن جا ممڪنه حربا آهن جن تي عمل شروع ٿي چڪو آهي.
دلتن جو بيغرت مڊل ڪلاس هندتوا جي سازشن لاءِ ٻارڻ بنجي رهيو آهي.
اسان جي حقيقي نظرياتي ڪيڊر تي فرض عائد ٿو ٿئي ته شيڊيولڊ ڪاسٽ دلت آديواسي محاذن کي فڪري طور سگهارو ڪيو وڃي ۽ هندتوا جي چالبازين جو مقابلو ڪري دلت جدوجهد کي ڪائونٽر ٿيڻ کان بچايو وڃي.
جيڪي به هندو ڪائونسل يا پئنچائت ۾ ويا آهن اهي نه صرف دلتن جا غدار آهن پر ملڪ جا پڻ غدار آهن ۽ پاڪستان ۾ آر ايس ايس جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن.
اسان کي صرف برادري يا ذاتي تعلقاتن جي بنياد تي لحاظ ڪندي هنن سان ذري جيتري به رعايت نه ڪرڻ گهرجي. اهي ماڻهو دلتن جي اجتماعي مفادن جا دشمن ۽ هندن جا دلال آهن. صرف ذاتي مفاد پرستي خاطر سوا ڪروڙ دلتن جي اجتماعي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيا آهن.
هي اٿؤ بوتو ڀري چهبڪ هڻوس
دوستو منهن تي مٽي جا ٻڪ هڻوس
قوم جي غدار کي بخشجو متان
گهٽ ۾ گهٽ هڪ بُجو ۽ هڪ ٿُڪ هڻوس.

No comments:

Post a Comment