Monday, June 26, 2017

مڙسن لا۽ خوشخبري مڙسن کي بہ هاڻ “ ڊي ڪيئر سينٽرن


مڙسن لا۽ خوشخبري
مڙسن کي بہ هاڻ “ ڊي ڪيئر سينٽرن “ ۾ داخل ڪرائي سگهبو
ذوالفقار قادري
ٻارڙن جا “ بيبي ڊي ڪيئر سينٽر “ تہ ڏٺاسين پر هاڻي هندستان کان ويندي آسٽريليا تائين گهر جي ڪم ڪار ٖ نوڪري ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف خواتين جي سهوليت لا۽ “ هسبنڊ ڊي ڪيئر سينٽر “ ٖ جنهن کي سولي سنڌي ۾ “ مڙسن جي ٽهل ٽڪور جو مرڪز “ چئي سگهجي ٿو کلي ويا آھن ٖ انهن سينٽرن پنهنجي پبلسٽي پينافليڪ تي لکيو آھي تہ اوهان بزي آھيو ٖ شاپنگ تي وڃڻ چاهيو ٿا ٖ آفيس ۾ مصروف آھيو ٖ سياسي ٖ سماجي ٖ تعليمي ڪمن ۾ مصروف آهيو ۽ مڙس کي ٽائيم نہ ٿا ڏئي سگهو تہ پنهنجي مڙس کي اسان جي سينٽر تي ڇڏي وڃو اسين اوهان جي مڙس جو هر طرح سان خيال رکنداسين ٖ اوهان جو مڙس ڪا بہ شڪايت نہ ڪندو ٖ مون سوچيو پئي تہ اسان وٽ اهڙا سينٽر کليا تہ چاهي زالون اسان کي اهڙن سينٽرن ۾ داخل نہ بہ ڪرائن پر ان هوندي بہ اڌ کان مٿي اسان وارا مڙس پاڻ کي زوري اهڙن سينٽرن ۾ داخل ڪرائيندا ٖ ڇو تہ فيس بڪ تي موجود اڪثر شادي شده مڙس جڏھن ڪنهن خاتون سان چيٽ ڪن ٿا تہ هڪ اسٽيج اهڙي اچي ٿي جو همراه چيٽ دوران مذڪوره خاتون جون همدرديون حاصل ڪرڻ لا۽ پنهنجي زال جا ڏک بيان ڪرڻ شروع ڪن ٿا تہ مون واري زال مون کي ٽائيم نہ ٿي ڏئي ٖ جهيڙاڪار آھي ٖ ڳوٺاڻي آھي ٖ اٿڻ ويهڻ جو افعال ڪونهيس ٖ لٽي ڪپڙي پائڻ جو ڪو ڍنگ نہ اٿس ٖ مون کي سمجهي نہ سگهي آھي وغيره وغيره ٻئي طرف چاهي هن جي ويچاري زال گهر ٖ مڙس ۽ ٻارڙن تان گهور ٿيندي پنهنجا حال وڃائي ڇڏيا هجن پر ٻئي خاتون جي همدردي حاصل ڪرڻ لا۽ پنهنجي فرمانبردار زال جي پيا گلا ڪندا سو اهڙي سماج ۽ سوچ ۾ رهندڙ مڙس اهڙي سهوليت کي ڪڏھن بہ هٿن مان نہ وڃائيندا -

No comments:

Post a Comment