Monday, June 26, 2017

جيل ڊائري جا ورق ڌاڙيل پرو چانڊيو سان ملاقات جو قصو - ذوالفقار قادري

جيل ڊائري جا ورق
ڌاڙيل پرو چانڊيو سان ملاقات جو قصو -
ذوالفقار قادري
زندگي ڏاڍي ور وڪڙ رهي آھي جتي سياسي ٺڳ ڏٺم اتي سنڌ جي نامي گرامي ڌاڙيلن کي بہ ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو ٖ جنرل ضياء جي مارشل لا جا ڏينهن پنهنجي عروج تي هئا سياسي سرگرمين ٖ جلسن جلوسن ٖ اخبارن جي آزادي تي پابندي مڙھيل هئي پر ان باوجود سياسي ڪارڪن جان جوکي ۾ وجهي بہ پنهنجون سرگرميون جاري ساري رکندا هئا ٖ ڦاسينٖ ڦٽڪن ۽ جيل کي سياسي ڪارڪن پنهنجي لا۽ اعزاز سمجهندا هئا ٖ انهن ئي ڏينهن ۾ 14 آگسٽ 1981ع جي رات پاڪستان جي يوم آزادي جي تقريبات واري پنڊال کي ڊاهڻ ٖ فوج ۽ مارشل لا خلاف تقرير ڪرڻ جي الزام هيٺ مونکي ۽ منهنجي دوست توصيف ملڪ کي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي وڏن اٽالن گهرن مان گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن قمبر آندو اتي اڳ ۾ ئي فوجي عملدار موجود هئا ٿاڻي تي اسان ٻنهي خلاف مارشل لا ريگيوليشن نمبر 13 ۽ 33 تحت بغاوت ٖ سازش ٖ غداري ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج خلاف ماڻھن ۾ نفرت پکڙڻ جهڙا الزام مڙھي ڪيس داخل ڪيو ويو پو۽ فورا اسان ٻنهي کي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي روانو ڪري ڪيس جو چالان سمري ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ڪيس جي شنوائي دوران ڪڏھن ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي جا قيدي تہ ڪڏھن سينٽرل جيل سکر جا باندي ٖ انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جون ملٽري ڪورٽون سر شاهنواز ڀٽو لئبرري ۾ قائم هونديون هيون اسپيشل ملٽري ڪورٽ جو سربراه فوج جو ڪرنل رينڪ جو آفيسر جڏھن تہ ميمبرن ۾ ھڪ ڪيپٽن ۽ مئجسٽريٽ ھوندا هئا جڏھن تہ سمري ملٽري ڪورٽ جو سربراه فوج جو ميجر رينڪ جو آفيسر هوندو هو اسان کي پيشي تي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي مان آندو ويندو هو هڪ دفعي جڏھن اسان کي ملٽري ڪورٽ پيشي تي آندو ويو تہ سر شاهنواز ڀٽو لئبرري جي بلڊنگ وارو سمورو علائقو سخت سيڪيورٽي ۾ هو قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار چوڪس لڳا پيا هئا اسان کي اهڙي سخت پهري تي حيرت بہ ٿي بحرحال اسان کي ڪورٽ ۾ قيدين واري انتظارگاه ڪمري ۾ اچي ويهاريو ويو ٿوري دير کان پو۽ قيدين جو هڪ ٻيو گروپ بہ اچي پهتو انهن کي بہ ساڳئي ڪمري ۾ ويهايو ويو اسين سڀ قيدي پنهنجي شنوائي جو انتظار ڪرڻ لڳا سي قيدين جي ان گروپ مان هڪ سنهڙي قدآور نرڙ تائين سنڌي ٽوپ پاتل همراه آخر ڳالهايو مون سان ۽ توصيف ملڪ سان مخاطب ٿيندي چيائين “ ڇوڪرا توهان کي ڪهڙي واردات ۾ وٺي آيا آھن “ توصيف تہ ڪو جواب نہ ڏنو مون کيس ورندي ڏني تہ واردات تہ ڪا بہ نہ ڪئي آھي ٖ تنهن تي ان ساڳئي همراه چيو تہ آخر اوهان ڪجهہ تہ ڪيو هوندو نہ؟ مون کيس ٻڌايو ٻيو تہ اسان سياسي ڪارڪن آهيون اسان مارشل لا جي ظلمن خلاف جلسہ جلوس ۽ تقريرون ڪيون آهن سو ان ڏوهہ ۾ گرفتار ڪيو اٿن . تنهن تي ان سنڌي ٽوپ پاتل همراه چيو ڀاڙيا ! معنئ تہ ڪا واردات نہ ڪئي اٿو بس رڳو فوجين خلاف وات هنيو اٿو . ان کان تہ چڱو هو تہ اسان سان جوڙ هڻو ها اسان وٽ سندس ان ڳالهہ جو ڪو جواب نہ هو ايتري ۾ ڪورٽ جي پيشڪار سڏ هنيو “ پريل چانڊيو ۽ ٻيا حاضر ٿين “ هنن همراهن کي پوليس گهاٽ بلڊنگ جي ٻئين منزل تي مٿي وٺي ويو جتي اسپيشل ملٽري ڪورٽ قائم ٿيل هئي اسان هيٺ ئي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳا سين مون پيشڪار جي واتان ٿيل سڏ تي نالو تہ ٻڌو تہ وري بہ پڪ ڪرڻ لا۽ ڪورٽ جي تونيہ ذات واري پٽيوالي کان مون تصديق لا۽ پڇا ڪئي تہ هي قيدي ڪير هئا تنهن ٻڌايو تہ ابا اهو پرو چانڊيو ٖ سندس ڀاءٗ علي گوهر چانڊيو ٖ نادر جسڪاڻي ۽ سندس ٽولي جا ٻيا همراه هئا ٖ ايتري ۾ اسان کي بہ سڏ ٿيو اسان جو ڪيس وري سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ھو اسان کي اتي پيش ڪيو ويو پيشي بعد پرو چانڊئي ۽ سندس ساٿين کي سينٽرل جيل سکر ۽ اسان کي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو پو۽ ڪيس جي شنواين دوران ڪورٽ ۾ ئي پرو چانڊئي ٖ علي گوهر چانڊئي ٖ نادر جسڪاڻي ۽ ٻين سان عليڪ سليڪ پئي ٿيندي هئي ٖ توصيف ۽ مان اتي صفا خوبصورت لسا ڇوڪرا لڳا پيا هوندا هئا سي سو پرو چانڊئي وارا ڀوڳ ٺڪاءٗ بہ ڪندا هئا ٖ هڪ ڏينهن پرو چانڊئي اسان ٻنهي کي چيو اوهان مان مون سان ياري ڪير رکندو پرو جي ان اوچتي سوال صفا چپ ٿي وياسين پر پو۽ ڳيت ڏئي مون پرو چانڊئي کي چيو ڳالهہ اها آھي تہ اوهان بہ قيدي اسان بہ قيدي سو هاڻي هتي ويهي ڪهڙيون ڊاڙون هڻون باقي جي ٻاهر هجون ها تہ واه جا جوڙ هڻون ها تنهن تي هڪ ٽھڪڙو لڳي ويو ۽ پرو چيو ڇورا آھين وڏو چالاڪ . پرو چانڊئي جو اصل نالو محمد پريل چانڊيو هو دادو جي ڪچي واري علائقي سونا ٻنڊي جي ڳوٺ دانو چانڊئي جو رهاڪو هو شروعاتي ڏينهن ۾ تر جي چورن ۽ ڪاٽڪوئن سان ياري باشي ۾ ڍور ٖ ڍڳي ٖ ٻڪري جي چوري چڪاري ۾ بہ سنگت سان ساڻ ھوندو هو پوليس ۽ تر جي وڏيرن جي روايتي ڳٺ جوڙ ۾ ٻ چار دفعا پوليس کيس ٻڌ ڇوڙ بہ ڪئي انهن ئي ڏينهن ۾ دادو مورو پتڻ تي ڦر جي هڪ واردات دوران سندن هٿان پوليس جي هڪ اي ايس آ۽ جي مارجي وڃڻ تي هي روپوش ٿيو دادو پوليس سندن پيڇو ڪيو پرو چانڊيو ۽ سندن ساٿين لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن جي سرحدي دنگ تي واقع دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ جکراڻي جاگير ۾ اچي پنهنجي هڪ دوست خانو جکراڻي جي ڳوٺ ۾ پناه ورتي خانو جکراڻي اتر سنڌ جو بدنام ڏوهاري هو ۽ سنڌ ۾ ڏوهن جي نالي سان هڪ ها۽ پرو فائيل نالو ٿي گذريو آھي 80ع واري ڏھاڪي ۾ شھري ڪارلفٽنگ ۽ اغوا برا۽ تاوان جي وارداتن جي حوالي سان سليمان بليدي کي بانيڪار ڏوهاري چئجي تہ وڌاءٗ نہ ٿيندو خانو جکراڻي کي وري سليمان بليدي جي استاد طور سڃاتو ويندو هو ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين شھري علائقن مان ڦر ٿيل گاڏين ٖ مغوين ۽ روپوش ڏوهارين کي لڪائڻ پناه ڏيڻ جي حوالي سان خانو جکراڻي سڃاتو ويندو هو ٖ پرو چانڊيو ٖ علي گوهر چانڊيو ۽ سندس ٽولي جي ٻين همراهن جي خانو جکراڻي جي ڳوٺ ۾ پناه وٺڻ جي کڙڪ پوليس کي پئجي وئي سو دادو ٖ نوشھرو فيروز ۽ لاڙڪاڻي پوليس جي وڏن اٽالن پيرو کڻي اچي خانو جکراڻي جي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي ڳوٺ ۾ لڪل ڌاڙيلن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو خانو جکراڻي صورتحال کي ڏسندي چالاڪي ڪري ڳوٺ جي ڪراڙين عورتن کي قرآن پاڪ ڏئي پوليس ڏانهن موڪليو تہ جلد بازي نہ ڪجو ڪنهن بہ مقابلي جي صورت ۾ وڏو جاني نقصان ٿندو ۽ بيگناه ماڻهو مارجي ويندا باقي پوليس ڀلي سرچ آپريشن ڪري جيڪي ڏوهاري آھن اهي ڀلي گرفتار ڪيا وڃن خانو جکراڻي وارن جي اها چال ڪامياب وئي پوليس نارمل ٿي وئي خانو جکراڻي ۽ سندس ساٿي مورچہ بند ٿي ويهي رهيا ۽ پرو چانڊئي ۽ سندس ساٿين کي ڳوٺ جي پوئين پاسي کان محفوظ دڳ ڏئي نڪري وڃڻ جو چيو اهڙي طرح پرو چانڊئي وارن ڳوٺ مان نڪري پوئين پاسي کان وڃي اوچتو پوليس تي حملو ڪري ڏنو ساڳئي وقت خانو جکراڻي جي ٽولي بہ پوليس تي ڪاه ڪئي ڌاڙيلن جي ان مشترڪا حملي ۾ سنڌ پوليس جا يارهن آفيسر ۽ جوان ٿڏي تي مارجي ويا جن ۾ انسپيڪٽر غلام رسول عمراڻي ٖ انسپيڪٽر غلام رسول لاهوري ٖ انسپيڪٽر اسلم نيازي ۽ ٻيا شامل هئا ۽ پرو چانڊيو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا- ان واردات مارشل لا اٿارٽيز جون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ پرو چانڊيو جو نالو سنڌ ۾ ڏوهارين ۾ ها۽ پروفائيل طور سڃاتو ويو ٖ خانو جکراڻي ڪجهہ عرصي بعد جيڪب آباد لڳ ڳوٺ حاجي لکمير بروهي ۾ بروهين سان هڪ جهيڙي ۾ مارجي ويو خانو جکراڻي جي مارجي وڃڻ کان پو۽ سليمان بليدي بہ هڪ ڪار لفٽنگ حادثي ۾ زخمي ٿيو ۽ پو۽ لاڏاڻو ڪري ويو پرو چانڊيو ٖ علي گوهر چانڊيو ۽ نادر جسڪاڻي بہ هڪ آپريشن ۾ گرفتار ٿيا ۽ سندن ڪيس اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل لا۽ موڪليو ويو منهنجي ان ٽرائل دوران ئي هڪ قيدي جي حيثيت ۾ پرو چانڊئي ۽ علي گوهر چانڊئي وارن سان جيل ۽ ڪورٽ ۾ عليڪ سليڪ ٿي اسپيشل ملٽري ڪورٽ لاڙڪاڻو پرو چانڊئي وارن جو فيصلو محفوظ ڪري سندن جي لا۽ موت جي سزا تجويز ڪري فيصلي جي حتمي منظوري لا۽ ڪيس جا پيپرس سنڌ جي ڪور ڪمانڊر ۽ زون “ سي“ جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر لا۽ روانا ڪيا ۽ پرو چانڊئي ٖ علي گوهر چانڊئي ٖ ۽ ٻين کي سينٽرل جيل سکر روانو ڪيو اها انهن جي ملٽري ڪورٽ ۾ آخري پيشي هئي موڪلائڻ مهل پرو چانڊئي وارن ڏاڍي سڪ اڪير ۾ اسان کان موڪلايو ۽ کلي چيائين ياري واري ڳالهہ وساري تہ نہ اٿو نہ تنهن تي مون بہ کلي کيس چيو “ ابا غريب ضرور آھيون پر لوسي نہ آھيون “ ان ڳالهہ تي سڀني کلي ڏنو ۽ ھو اسان کان موڪلائي سينٽرل جيل سکر لا۽ روانا ٿيا منهنجي ۽ توصيف ملڪ جي ڪيس اچانڪ ڊرامائي صورتحال اختيار ڪئي هڪ ڏينهن ملٽري ڪورٽ جي سربراه جنهن جو نالو ميجر قيوم هو تنهن اسان ٻنهي کان پڇيو تہ “ نماز پڙھندا آھيو “ مون واري دوست توصيف ملڪ نہ پڙھڻ باوجود فوجي ڪورٽ جي جج ميجر قيوم جي اهڙي سوال تي ها ۾ جواب ڏنو ٖ مون سوچيو ميجر کان ڊڄي الله سان ڌوڪو ڪرڻ ڪا فضيلت ناهي سو مون ميجر کي سچ چئي ڏنو تہ مان نماز نہ پڙھندو آھيان ٖ ميجر چيو نماز ڇو نہ ٿو پڙھين تہ مون کيس چيو انسان جنهن رب کي سجدو ٿو ڪري انسان پهرين ان رب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري جنهن ڏينهن انسان رب کي سڃاتو ان ڏينهن کيس نماز جو مفهوم بہ سمجهہ ۾ اچي ويندو منهنجو اهو چوڻ ۽ ميجر کي ڄڻ باه لڳي تڪڙ ۾ پنج ست گاريون ڏئي ڪڍيائين ڪافر ڪافر جي فتوائ بہ جاري ڪري پوليس گارڊ کي چيائين هنن کي فوري منهنجي نظرن مان ٽاريو پوليس اسان کي اچي قيدين جي ڪمري ۾ ويهاريو بس پو۽ ڪلاڪ کن ۾ وري سڏ ٿيو سمري ملٽري ڪورٽ جي ميجر اسان ٻنهي کي هڪ سال قيد با مشقت ۽ ڏھن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل سکر روانو ڪيو ويو سينٽرل جيل سکر جي انتظاميہ ڪجهہ ڏينهن بعد اسان کي سکر جيل مان جينوئل جيل لانڍي ڪراچي روانو ڪيو اسين لانڍي جيل ڪراچي ۾ ئي هئا سي تہ هڪ ڏينهن خبر آئي تہ سينٽرل جيل سکر کي ٽوڙي پرو چانڊيو ٖ علي گوهر چانڊيو ٖ نادر جسڪاڻي ٖ جنسار چانڊيو ٖ غلام عمر مغيري ٖ مير عارباڻي ٖ آندل ڪوري سميت ست خطرناڪ ڏوهاري فرار ٿي ويا - ان کان پو۽ سنڌ اندر ڏوهن جي دنيا ۾ پرو چانڊئي جو نالو دهشت جي علامت ٿي اڀريو ٖ سنڌ جون مشهور انڊس ها۽ وي ۽ قومي شاهراه تي سج لٿي کان پو۽ سفر جاري رکڻ ممڪن نہ رهيو ۽ ڪانوا۽ سسٽم جو رواج پيوٖ اهو بہ ٻڌڻ ۾ پئي آيو تہ پرو چانڊئي بيروزگار نوجوانن کي پنهنجي ٽولي ۾ شامل ڪرڻ لا۽ عام ڀرتي بہ شروع ڪئي ٖ ڪيترن ضلعن جي پوليس عملدارن پنهنجن علائقن ۾ پرو چانڊئي سان معاوضي عيوض ڏوهن جي حد بندي ۽ جنگ بندي بہ ڪري ڇڏي سنڌ ۾ امن امان کي تاراج ڪيو ويو قانون جي عملداري وارا ادارا مفلوج بڻجي ويا اغوا برا۽ تاوان جي وارداتن ۾ رڪارڊ حد تائين اضافو ٿي ويو . قانون جي عملداري وارا ادارا نالي ماتر وڃي بچيا پرو چانڊئي جي زندگي جي آخري وڏي واردات ڏينهن ڏٺي جو دادو وچ شھر ۾ ايس ايس پي آفيس ويجهو قائم ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ دادو تي حملو هئي جنهن ۾ پرو چانڊئي وارن پوليس وردين ۾ اچي پنهنجي دوست غلام قادر ميربحر کي پوليس حراست مان ڇڏائي فرار ٿي ويا ان ڪاروائي بعد سرڪار سرحد صوبي سان واسطو رکندڙ ڪرمنالاجي ۾ ماسٽرس ڪيل ايس ايس پي باز خان آفريدي کي ايس پي دادو مقرر ڪيو جنهن ڊي ايس پي ميهڙ علي گوهرمٺاڻي کي ٽارگيٽ ڏنو جنهن پرو چانڊئي جي هڪ دوست لطيف چانڊئي کي لالچ ڏئي پاڻ سان شامل ڪيو پو۽ پلان مطابق لطيف چانڊئي پرو چانڊئي وارن جي دعوت ڪري کين ڳوٺ گهرايو جتي کين کاڌي ۾ نشہ آور شئي ملائي ڇڏي پرو چانڊئي وارن کي دير سان سڌ پئي پر دير ٿي چڪي هئي آخر پرو چانڊيو وارن جو آخري مقابلو شاه پنجو ريلوي ڦاٽڪ لڳ ٿيو پوليس اٽالي جي قيادت ڊي ايس پي ميهڙ علي گوهر مٺاڻي ۽ ايس ايڇ او عنايت الله سومرو ڪري رهيا هيا جنهن ۾ پرو چانڊيو ۽ غلام قادر ميربحر مارجي ويا پرو دم ڏيڻ کان اڳ پنهنجي ڀاءٗ علي گوهر چانڊئي کي زنده نڪري وڃڻ جو چيو اهڙي طرح سنڌ ۾ سالن تائين دهشت بڻيل هن ڪردار جي پڄاڻي ٿي ٖ چوڻ وارا تہ اهو بہ چوندا آھن تہ خود هن ملڪ جي وڏي تي بڙي سرڪار وارا بہ چاهيندا آھن تہ سنڌ ڪنهن نہ حوالي سان آزار ۾ ھجي ڪڏھن ڌاڙيلن جو آزار تہ ڪڏھن دهشت گردن جو راڄٖ باقي سردارن ٖ نوابن ٖ وڏيرن جيڪا سنڌ جي ڀينگ ڪئي آ ان جو ليکو تہ خدائي ڪتابن ۾ بہ ملندو ٖ 1986ع ۾ ڊي ايس پي علي گوهر مٺاڻي ڌاڙيل علي گوهر چانڊيو ۽ نادر جسڪاڻي کي ٽنڊو اللهيار مان زنده گرفتار ڪري ڄامشورو لڳ سينڊوز ڪمپني ڀرسان انڊس ها۽ وي تي پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو ٖ اهڙي طرح ھن ٻنهي مشھور ڌاڙيل ڀائرن جو قصو پڄاڻي تي پهتو ٖ
نوٽ : گروپ فوٽو ۾ پرو چانڊيو ٖ سندس ڀاءٗ علي گوهر چانڊيو ٖ نادر جسڪاڻي ٖ غلام قادر ميربحر ٖ جنسار چانڊيو ۽ ٻيا ڌاڙيل بيٺل

No comments:

Post a Comment