Sunday, June 25, 2017

شوڪت نوناري اُھي ٻار جن کي وڳو ئي نه آهي “ڪڏھن ڀاڳُ جن کي لڳو ئي نه آهي“

شوڪت نوناري
اُھي ٻار جن کي وڳو ئي نه آهي
“ڪڏھن ڀاڳُ جن کي لڳو ئي نه آهي“
اهي حسرتن سان سڀن ڏي تڪين پيا
“وڏيرن جي در تي ته ڪتا لڪين پيا“
ڪٿان ڀي نه جن کي ڪا خرچي ملي آ
“دوائن جي رهندو به پرچي ملي آ“
اها “عيد“ جن کي ٿي رهندو ڏکائي
نه ئي حال ڪنهن کي سگهن ٿا ٻڌائي
وڏي ڏينهن جن وٽ ته فاقا ڪشي آ
“جن لاءِ جائز صرف خودڪشي آ“
درن تان به جن کي نه ماني ملي ٿي
۽ تقدير جن تي صدائين کلي ٿي
“نه جن وٽ ڪاجُتي نه ئي ڪو کلوڻو“
پراون درن تي هڻن جيڪي لئوڻو
رڳو قياس هرڪوئي کائي سگهي ٿو
“ڏئي ڪوئي پئسو نه پائي سگهي ٿو“
“اگهاڙي اگهاڙي آ تصوير جن جي“
سڀن لئه تماشو آ تقدير جن جي
نه جن کي ڪو غصو نه جن کي توائي
“هميشه کان جن جي آ روزي هوائي“
“اهي عيد کان ڏِسُ ته ڪيڏو پري هن“
ڇڏيا قيس جن ساڻُ قسمت ڪري هن

No comments:

Post a Comment