Sunday, June 25, 2017

ننڊپڻ جي خوبصورت زندگي ۽ عيدون ڪيڏيون نه حسين ھونديون ھيون عيد جو ٻڌي اڄ مون کي ننڊپڻ جا دوست ۽ دوستن سان ڪيل عيدون ياد ٿيون اچن تي مون جي اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ اٿلي ٿو پوي دوستن تي لکندي قلم به روئي پيو آھي منھنجا لڙڪ دوستن تي وڌيڪ لکڻ جي اجازت نٿا ڏين رب پاڪ کان دعا آھي ته جتي به ھجن خوش ھجن آباد ھجن ھي غزل دوستن جي ناء غزل جبار سومرو مندون ساڳيون پيون اينديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي وري عيدون پيون ٿينديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي قسايت قرب جا ڪيئن ڪھاڻيون پيار جون ھلنديون


ننڊپڻ جي خوبصورت زندگي ۽ عيدون ڪيڏيون نه حسين ھونديون ھيون عيد جو ٻڌي اڄ مون کي ننڊپڻ جا دوست ۽ دوستن سان ڪيل عيدون ياد ٿيون اچن تي مون جي اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ اٿلي ٿو پوي دوستن تي لکندي قلم به روئي پيو آھي منھنجا لڙڪ دوستن تي وڌيڪ لکڻ جي اجازت نٿا ڏين رب پاڪ کان دعا آھي ته جتي به ھجن خوش ھجن آباد ھجن ھي غزل دوستن جي ناء
غزل جبار سومرو
مندون ساڳيون پيون اينديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
وري عيدون پيون ٿينديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
قسايت قرب جا ڪيئن ڪھاڻيون پيار جون ھلنديون
دليون ٻھڪي پيون پونديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
نه ڪو ھوندو ھرگز ھتان ھليو ويندو ھر ڪو
پچارون تن جون پيون ھلنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
خوشيون گھر گھر ۾ ھونديون خوب ھوندا ناچ نارين ۾
مبارڪ پيون ڏينديون وٺنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
سگارا سک ۾ ھوندا ۽ ھوندي سونھن سنڌڙي ۾
ٿڌيون ھيرون پيون کلنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
نظارا نيھن جا ھوندا ۽ وڄنديون باسريون بر ۾
مدر آواز پيون وڄنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
ملاحن مرڪ موٽي ڪا سنڌو کي ڏيون گلن ڀيٽا
موجون مھراڻ پيون مچنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
حسين ڏينھڙا سوھاني شب سجيل سيجون نٿيون وسرن
نيون سيجون پيون سجنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
وڏو وسڪار ٿئي ٿر ۾ ملي جاندان مورن کي
وري ڊيلون پيون ڪڏنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
اڃا سسيون سورن ۾ پڪارين ٿيون پنھون پنھنجا
پنھل جا پار پيون پڇنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
قصا ڪينجھر ڪنارن جا ۽ نوري نياز جون نياڻيون
رسالن ۾ پيون پڙھنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي
اسان جي الفت جا داستان تاثير پيا ھلندا
ميارون پوء به پيون ملنديون نه مان ھوندس نه تون ھوندي

No comments:

Post a Comment