Sunday, June 25, 2017

غزل پنهنجي پرين جي نانءۡ راحب علي ميمڻ اوهان کان بن پرين پيارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ، سڙي سپنا ويا سارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ، لکيو پرديس آ قسمت ، نه ڏوهي تون نه ڏوهي مان، بدن تي ويس هن ڪارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ، اکين ۾ ڪين وجهون سرمو ، هي ڳوڙها ڪونه ٿا جهلجن، رڳو روئي تڪيون تارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ، شهر سارو ڀريل آهي ، مگر ڪوئي نه آ پنهنجو ، لڳن ويران ٿا چارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ، رڳو دعائون گهرون ٿا هي ، توهان سان ڪين ملون راحب ، سوا تنهنجي او دلدارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ، محترم دوستن کي عيد مبارڪون راحب علي ميمڻ


غزل پنهنجي پرين جي نانءۡ
راحب علي ميمڻ
اوهان کان بن پرين پيارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ،
سڙي سپنا ويا سارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ،
لکيو پرديس آ قسمت ، نه ڏوهي تون نه ڏوهي مان،
بدن تي ويس هن ڪارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ،
اکين ۾ ڪين وجهون سرمو ، هي ڳوڙها ڪونه ٿا جهلجن،
رڳو روئي تڪيون تارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ،
شهر سارو ڀريل آهي ، مگر ڪوئي نه آ پنهنجو ،
لڳن ويران ٿا چارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ،
رڳو دعائون گهرون ٿا هي ، توهان سان ڪين ملون راحب ،
سوا تنهنجي او دلدارا ، اسان جي عيد ڪهڙي آ ،
محترم دوستن کي عيد مبارڪون
راحب علي ميمڻ

No comments:

Post a Comment