Sunday, June 25, 2017

غزل امتياز دانش عيد جي مناسبت سان درد آهي، سعيد ڪهڙي آ ؟ مفلسيءَ منجهه عيد ڪهڙي آ ؟


ڍ
غزل
امتياز دانش
عيد جي مناسبت سان
درد آهي، سعيد ڪهڙي آ ؟
مفلسيءَ منجهه عيد ڪهڙي آ ؟
روز گهر ۾ پچن پيا فاقا
ڪجهه به ناهي خريد ڪهڙي آ ؟
ڌڙڪي دل منجهه نااميدي ٿي
هاڻ پنهنجي اميد ڪهڙي آ ؟
موت جو خوف ٿو رهي هر پل
عمر آندي نويد ڪهڙي آ ؟
روشنايون کڻي وئين دانش !
تو بنا ڏۡسِ ته ديد ڪهڙي آ ؟

No comments:

Post a Comment