Monday, June 26, 2017

۽ جڏھن بينظير ڀٽو منهنجي گهر اچي ھيٺ پٽ تي ويهي رهي -

۽ جڏھن بينظير ڀٽو منهنجي گهر اچي ھيٺ پٽ تي ويهي رهي -
ذوالفقار قادري
بينظير ڀٽو صاحبہ کي پاڪستان جي سياسي وائي منڊل ۾ هڪ متحرڪ سياستدان طور ياد رکيو ويندو ٖ ماڻھو اڄ بہ بينظير کي ڇو ياد ڪن ٿا مان اوهان کي هڪ واقعو ٿو ٻڌايان ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ سان طويل سياسي سفر ڪندي منهنجو ساڻس سان هڪ تعلق پيدا ٿي ويو ٖ هو نہ صرف هڪ اڳواڻ هئي پر ان سان گڏ عام ورڪر لا۽ هڪ ڀيڻ ٖ هڪ شفيق استاد ۽ هڪ رحمدل عورت بہ هئي ٖ مون هن کي 29 سالن جي پنهنجي سياسي رفاقت ۾ ڪئين رنگن روپن ۾ ڏٺو ماڻھن جي اهنجن ٖ آزارن تي کيس روئيندي بہ ڏٺم تہ غريبن جي گهرن ۾ ويهي کيس خوش ٿيندي کلندي بہ ڏٺم ٖ هو بنيادي طور نوابي ۽ جاگيرداڻي گهر ۾ پيدا ٿي جتي جنم وٺندڙ ٻار سونن چمچن ۾ ستيون پيئندا آھن ٖ هو هڪ اعلئ پائي جي لکيل پڙھيل مدبر خاتون هئي اشرافيہ ڪلاس سان تعلق هئڻ باوجود مون هن کي مست الست ٖ يگاني روپ ۾ بہ ڏٺو ٖ لطيف سائين جي سورمين جو هو هڪ روپ هئي اها هڪ فطري ڳالهہ آھي تہ ماڻھو جنهن کي دل سان چاهيندو آهي ۽ جنهن ماڻھو سان سندس جذباتي وابستگي هوندي آھي تہ دل چوندي آھي تہ اهو سندس اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري اچي ٖ سو مون بہ هڪ دفعي بينظير صاحبہ کي عرض ڪيو تہ اوهان منهنجي گهر هلي چانهہ پيو سو بينظير صاحبہ جواب ۾ چيو “ ذوالفقار مان تنهنجي گهر ضرور اينديس ٖ مختلف موقعن تي مان کيس گهر هلڻ جو چوندو رهيس پر هن هر دفعي مون کي اهو ئي چيو تہ مان ضرور اينديس آخر مون بينظير صاحبہ کي چوڻ ئي ڇڏي ڏنو ٖ ان عرصي ۾ منهنجي علائقي جي چانڊيہ قبيلي جي سردار نواب شبير احمد خان چانڊيو ۽ مگسي قبيلي جي سردارن مان مير نادر خان مگسي بہ بينظير صاحبہ کي پنهنجن بنگلن تي دعوت جو چئي چڪا هئا ٖ هڪ دفعي بينظير صاحبہ بلوچستان جو دورو ڪري واپس لاڙڪاڻي پئي آئي تہ هن اوستہ محمد ٖ ڳڙھي خيرو ۽ شھدادڪوٽ وارو دڳ اختيار ڪيو مان بہ سندس قافلي ۾ شريڪ هئس شھدادڪوٽ ۾ هڪ ڪارڪن لالا افضل جي گهر آئي تہ ناهيد خان مون کي چيو تہ “ بي بي آپ کو بلا رهين هين “ مان بينظير صاحبہ وٽ حاضر ٿيم تہ چيائين “ ذوالفقار شھدادڪوٽ مان اسين جيئن نڪرندا سين تہ مان قمبر تنهنجي گهر هلندس “ اهو اوچتو حڪم ٻڌي منهنجون تہ وايون بتال ٿي ويون نہ ڪو موبائل فون جو دور نہ ڪو ٽيليفون گهر ۾ جو گهر وارن کي نياپو ڏئي سگهجي تہ ٿورو گهڻو تڙ تڪڙ ۾ بينظير جي حوالي سان ڪجهہ ڪري سگهجي مون بينظير صاحبہ کي چيو “ بي بي مان هتي اوهان سان گڏ آھيان هتي گهر ۾ صرف امڙ ۽ منهنجي ڀيڻ آھي ڪو انتظام بہ ڪونهي تنهن تي بينظير صاحبہ چيو “ ماڻھو پنهنجي گهر ويندو آ تہ ڪو انتظام ڪندو آھي ڇا؟ بس ڪنهن شي۽ جي ضرورت ناهي اسين هلون ٿا ٖ ائين چئي بينظير صاحبہ منهنجي گهر لا۽ رواني ٿي ٖ هوڏانهن منهنجي امڙ ۽ ادي ان سڄي ماجرا کان بيخبر ڪپڙا پئي ڌوتا تہ اسين اچي بينظير صاحبہ سميت گهر پهتا سي منهنجي ماءٗ ۽ ڀيڻ بينظير ڀٽو کي گهر ۾ ڏسي حيران ٿي ويون نہ ڪرسي نہ ڪو ويهڻ لا۽ صوفو سو امڙ تڙ تڪڙ ۾ پٽ تي هيٺ سنڌي رلهي وڇائي تہ بينظير صاحبہ هيٺ پٽ تي رلهي تي پلٿي هڻي ويهي رهي ۽ امڙ سان ڪچهري ڪرڻ لڳي مان کانئس رسمن پڇا ڪيو تہ اوهان چانهہ وٺندا يا ڪولڊ ڊرنڪ تہ بينظير صاحبہ گهر ۾ پيل پاڻي جي “ مٽن ۽ دلن “ ڏي اشارو ڪندو چيو انهن پاڻي جي مٽن مان پاڻي پياريو منهنجي ڀيڻ کيس پاڻي اچي ڏنو ڪافي دير تائين بينظير صاحبہ منهنجي گهر ۾ ويٺي رهي ۽ امڙ ٖ ادي سان ڪچهريون ڪندي رهي پو۽ اجازت وٺي لاڙڪاڻي رواني ٿي وئي ٖ مون محسوس ڪيو تہ بينظير صاحبہ کي منهنجي علائقي جي سردارن ۽ نوابن جون دعوتون مليل هيون بينظير سوچيو هوندو تہ ذوالفقار مون کي هنن کان اڳ پنهنجي پنهنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏئي چڪو آھي پر مان هن کي نظرانداز ڪري سندس ئي شھر ڳوٺ ۾ ڪنهن وڏي ماڻھو ڏي هلي ويس تہ مبادا هو سوچي تہ غريب هئس بينظير مون ڏي نہ آئي وڏن ماڻھن ڏي هلي وئي ٖ پو۽ اڳتي هلي بينظير صاحبہ هنن جي بنگلن تي بہ وئي پر هن منهنجي دل تہ رکي ٖ هاڻي نہ اها بينظير رهي نہ اها پارٽي رهي اسان گوشانشيني ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي -

No comments:

Post a Comment