Monday, June 26, 2017

جڏھن سائين جي ايم سيد المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي پهچي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان عذر خواهي ڪئي


جڏھن سائين جي ايم سيد المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي پهچي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان عذر خواهي ڪئي -
ذوالفقار قادري
مون زندگي ۾ پهريون دفعو سائين جي ايم سيد کي المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ايندي ڏٺو ٖ هونئن المرتضئ هاؤس ۾ سنڌ جو ڪو ورلي سياستدان نہ آيو هجي پر مون سيد جي گهراڻي جي ڪنهن فرد کي المرتضئ هاؤس ايندي نہ ڏٺو جيتوڻيڪ سيد جون سياسي راهون ۽ ڀٽن جون سياسي راهون هڪ ٻئي کان الڳ رهيون پر هي پهريون دفعو هو جو سائين جي ايم سيد سنڌ جي روايتن کي مان ڏيندي لاڙڪاڻي جي ڀٽن ڏي پاڻ لڙي آيو ٖ اهو بہ ڪو وقت هو جڏھن سائين جي ايم سيد 1934ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽي نالي جماعت جوڙي هئي تہ سائين جي ايم سيد ٖ سر شاهنواز ڀٽي کي ان پارٽي جو اڳواڻ بڻايو هو ٖ وري اڳتي هلي 1936ع جڏھن سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جوڙي وئي ۽ چونڊن ۾ حصو ورتو ويو تہ ان چونڊن ۾ يونائيٽيڊ پارٽي اڪثريتي سيٽون کٽي ايوان ۾ تہ پهتي پر ان جا مکيہ اڳواڻ سرشاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي واري تڪ تان شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان هارايو گڏو گڏ سر هدايت الله بہ چونڊ ھارائي ٖ شاهنواز ڀٽي جي هارائڻ تي سائين جي ايم سيد پنهنجي سيٽ تان استعفئ ڏئي سر شاهنواز ڀٽي کي پنهنجي سيٽ تان چونڊرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر پو۽ گورنر ائين ٿيڻ نہ ڏنو ٖ اڳتي هلي جڏھن جماعت اسلامي اها پروپيگنڊا ڪئي تہ ذوالفقار علي ڀٽي جي ماءٗ خورشيد هندو هئي ۽ ڀٽي جي سنت ( طوهر ) ٿيل ناهي تہ سائين جي ايم سيد عبدالواحد آريسر ۽ تاج جوئي کي گهرائي چيو تہ سندس لائبرري جي فائيلن مان سر شاهنواز ڀٽي جو اهو دعوت نامون کڻي اخبار وارن کي جاري ڪن جنهن دعوت نامي ۾ سر شاهنواز ڀٽي پنهنجي پٽ ذوالفقار جي سنت ( طوهر ) جي تقريب جو سڏ سائين جي ايم سيد سميت پنهنجن سمورن دوستن کي موڪليو هو ٖ ۽ سائين جي ايم سيد ٖ ڀٽي جي ان سنت واري تقريب ۾ شرڪت بہ ڪئي هئي ٖ وري جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو ۽ جنگي قيدين ۽ والاريل علائقن جي واپسي لا۽ ڀٽو شملا پئي ويو تہ ذوالفقار علي ڀٽي سائين جي ايم سيد کي نياپو ڪرايو تہ منهنجي خواهش آھي تہ اندرا گانڌي سان شملا ڳالهين ۾ اوهان بہ مون سان هجو پر سائين جي ايم سيد اهو چئي شملا وڃڻ کان انڪار ڪيو تہ مذاڪرات ۾ منهنجي شموليت پنجابي مستقل مفاد سول ۽ نان سول قوتن کي ڀانء نہ پوندي ۽ اوهان جي لا۽ مسئلا پيدا ٿيندا ان لا۽ مان شملا وڃڻ کان قاصر آھيان ٖ وري جڏھن 1972ع جي عبوري آئين ۽ 1973ع جي مستقل آئين جي تياري جو مرحلو آيو ۽ ولي خان ٖ سردار خير بخش مري ٖ سردار عطاء الله مينگل ۽ مير غوث بخش بزنجو وارن کي پرچائڻ جو مرحلو آيو تڏھن بہ ذوالفقار علي ڀٽي سائين جي ايم سيد کان مدد گهري هئي پو۽ اهو وقت بہ آيو جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي جي سموري دور اقتدار ۾ نہ صرف سائين جي ايم سيد سن ۾ نظربند رهيو پر سنڌ جا اڪثر قومپرست ڀٽي جي دور ۾ جيلن ۾ رهيا ٖ وري جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني وئي تہ سائين جي ايم سيد بيگم نصرت ڀٽو کي خط لکي تعزيت ڪئي ۽ چيائين طبيعت جي ناسازي سبب نہ ٿو اچي سگهان جڏھن بہ طبيعت اجازت ڏني روبرو رضا خدا ڪندس ٖ پو۽ جڏھن ڊاڪٽر حميده کهڙو جي والد ۽ نثار احمد کهڙو جي چاچي خانبهادر محمد ايوب کهڙي وفات ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد لاڙڪاڻي آيو تہ ايوب کهڙي جي تعزيت ڪرڻ بعد سڌو المرتضئ هاؤس اچي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت تي تعزيت ڪيائين ٖ مون ان موقعي تي سائين جي ايم سيد کي بيگم نصرت ڀٽو سان فارسي ۾ ڳالهائيندو ڏٺو ٖ بيگم نصرت ڀٽو جي مادري زبان تہ فارسي هئي ئي سهي پر سائين جي ايم سيد بہ واه جو فارسي تي عبور رکندو هو ٖ وري جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ ٻيون دفعو وزيراعظم بڻي ۽ سائين جي ايم سيد کي نام نهاد جهنڊي ڪيس ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ سائين بيماري جي حالت ۾ اسپتال ۾ نظربندي دوران انتقال ڪري ويا تہ سنڌ جون قوم پرست ڌريون بينظير جي ان رويي تي ناراض هيون ٖ پر هڪ ڏينهن وزيراعظم بينظير ڀٽو ايجنسين جي منع ڪرڻ باوجود سن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ايتري قدر جو سنڌ جي وزير اعلئ سيد عبدالله شاه بہ کيس منع ڪيو تہ جيئي سنڌ وارا اوهان تي سخت ناراض آھن اوهان جو سن وڃڻ صحيح ڪونهي متان ڪا بد مزدگي ٿي پئي بينظير صاحبہ عبدالله شاه کي چيو ڀلي تون سن نہ هل پر مان سن ويندس جيئي سنڌ جي ڪجهہ جذباتي ڪارڪنن بينظير صاحبہ جي سن اچڻ تي اعتراض ڪيو پر ان باوجود بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي ماءٗ بيگم نصرت ڀٽو سميت سن پهتي بينظير صاحبہ سان گڏ گورنر ڪمال اظفر ٖ ناهيد خان هئا ٖ ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي گهراڻي طرفان سائين امير حيدر شاهہ ۽ سائين جي ايم سيد جي پوٽن سندس آدرڀاءٗ ڪيو ان موقعي تي عبدالواحد آريسر ٖ گل محمد جکراڻي ٖ سيد غلام شاه ۽ ٻين سن ۾ سندس آدرڀاءٗ ڪيو ٖان بعد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو سائين جي ايم سيد جي پونئرن سان تعزيتي دعا گهري حال احوال ڪيا ۽ وري جڏھن مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت ٿي تہ سائين جي ايم سيد جي گهراڻي طرفان بہ غنوائ ڀٽو ٖ۽ مير مرتضئ جي ٻارڙن فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر سان تعزيت ڪئي وئي ٖ پوسٽ ۾ ڏنل بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ سائين جي ايم سيد جي مذڪوره تصوير پير آف مٽياري پير نور شاه هاشمي جي فرزند پير سوڌل شاه هاشمي جي شادي تقريب جي تصوير آھي

No comments:

Post a Comment